-->

Pop up

Ads display

پاڪستان تحريڪ انصاف جي ناراض اڳواڻن جو هنگامي اجلاس اڳوڻي وڏي وزير لياقت جتوئي جي سربراهي ۾ پي ٽي آئي جي مرڪزي اڳواڻ گل محمد رند جي رهائش گاھ تي ڪراچي ۾ ٿي گذريوPti news

پاڪستان تحريڪ انصاف جي ناراض اڳواڻن جو هنگامي اجلاس اڳوڻي وڏي وزير لياقت جتوئي جي سربراهي ۾ پي ٽي آئي جي مرڪزي اڳواڻ گل محمد رند جي رهائش گاھ تي ڪراچي ۾ ٿي گذريوPti news

 

پاڪستان تحريڪ انصاف جي ناراض اڳواڻن جو هنگامي اجلاس اڳوڻي وڏي وزير لياقت جتوئي جي سربراهي ۾ پي ٽي آئي جي مرڪزي اڳواڻ گل محمد رند جي رهائش گاھ تي ڪراچي ۾ ٿي گذريو
 PTA Ijlas in Karachi 

ڪراچي رپورٽ راج ڪماراوڏ

پاڪستان تحريڪ انصاف جي ناراض اڳواڻن جو هنگامي اجلاس اڳوڻي وڏي وزير لياقت جتوئي جي سربراهي ۾ پي ٽي آئي جي مرڪزي اڳواڻ گل محمد رند جي رهائش گاھ تي ڪراچي ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ سينيٽ ٽڪيٽ معاملن تي سندن تحفظات بابت جيڪو وزير اعظم کي خط لکيو ويو هو ان جو خاطر خواه جواب نه ملڻ تي اڳواڻن خط عوامي سطح تائين ظاهر ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي جيڪو پريس ڪانفرنس ذريعي ظاهر ڪيو ويندو اجلاس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي رهبر ڪميٽي جي ڪنوير الله بخش انڙ ، لياقت جتوئي ، گل محمد رند ، ممتازشاه ، اڪبرخان ڀنگوار ، صداقت علي جتوئي ، راجاخان جکراڻي ، ايوب شر ، سردار خالد ميان راڄپر ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيا اجلاس ۾ گڏيل راءِ سان موقف اختيار ڪيو ويو گورنر عمران اسماعيل معاملات جي خرابيءَ جو سبب آهي کيس پارٽي جي بهتري لاءِ فورن هٽايو وڃي اجلاس بعد گل محمد رند ميڊيا سان رابطو ڪري ٻڌايو ته سنڌ جي مفادن خاطر وزير اعظم عمران خان کي جيڪو ڇهن مطالبن تي ٻڌل خط لکيو هو جيڪو وٽس پهڇي به چڪو آهي جنهن ۾ کيس اهو چيو ويو هو ته سنڌ سان لاڳاپيل پي ٽي آئي جي سينئر سياستدانن سان ملاقات ڪري سندن تحفظات کي ختم ڪيو وڃي يا کين مطالبن جي مڃتا جي پڪ ڏياري وڃي پر ڪو خاطر خواه نتيجو سامهون نه آيو  ان ڪري نتيجا نه ملڻ جي صورت ۾ اڳواٽ طئي ٿيل ايجنڊا  تحت اجلاس ڪري رهيا آهيون هن چيو ته اسين سمجهون ٿا ته اڳوڻن حڪمرانن جي غلط پاليسين سبب ملڪ سياسي توڙي معاشي طور مشڪ

Pakistan Tahrek e Insaf Meting 

لاتن جو شڪار آهي پر سنڌ جا ماڻھو به گذريل دور حڪومت ۾ ڏتڙيل رهيا آهن ان ڪري ايندڙ سينٽ جي چونڊن ۾ سنڌ جي ٻھراڙيءَ سان لاڳاپيل سينئر ورڪرن کي اهميت ڏني وڃي ته جيئن سنڌ جا سور حقيقي طور واڳ ڌڻين تائين پهچي سگهن

0 Response to "پاڪستان تحريڪ انصاف جي ناراض اڳواڻن جو هنگامي اجلاس اڳوڻي وڏي وزير لياقت جتوئي جي سربراهي ۾ پي ٽي آئي جي مرڪزي اڳواڻ گل محمد رند جي رهائش گاھ تي ڪراچي ۾ ٿي گذريوPti news "

Post a Comment

Trending Posts Display

Discount Offer