سڪرنڊ جي تاريخي بزرگ شهيد جيئو جنگ تي ولادت حضرت علي عليه السلام جي سلسلي ۾ تقريب ٿي گذري. جنهن ۾ حضرت علي عليه السلام جي ولادت جو ڪيڪ ڪاٽي صوفياڻي محفل
Friday, February 26, 2021
Comment
سڪرنڊ جي تاريخي بزرگ شهيد جيئو جنگ تي ولادت حضرت علي عليه السلام جي سلسلي ۾ تقريب ٿي گذري. جنهن ۾ حضرت علي عليه السلام جي ولادت جو ڪيڪ ڪاٽي صوفياڻي
سڪرنڊ رپورٽ راج ڪماراوڏ
سڪرنڊ جي تاريخي بزرگ شهيد جيئو جنگ تي ولادت حضرت علي عليه السلام جي سلسلي ۾ تقريب ٿي گذري. جنهن ۾ حضرت علي عليه السلام جي ولادت جو ڪيڪ ڪاٽي صوفياڻي محفل پڻ ٿي گذري. تقريب ۾ درگاهه شهيد جيئو جنگ جي گادي نشين فقير فدا حسين ، پ پ اڳواڻ نور احمد لاکو ، سيد احسان علي شاهه ، سيد نور احمد شاهه ، صحافي قاضي جاويد سنائي، رضا محمد سيال، مزار خان رند ، شاعر قلندر بخش ملاح ، سڪرنڊ پريس ڪلب سڪرنڊ جي اڳوڻي صدر قاضي جاويد سنائيرضا محمد سيال قربان عمراڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي درگاهه جي گادي نشين فقير فدا حسين چيو ته حضرت علي عليه السلام دين اسلام جي سر بلندي لاءِ شهادت ماڻي مسلمانن کي سندن ڏسيل راهه تي عمل ڪرڻ گهرجي. درگاهن تي انسانيت ، امن ، محبت جو درس ڏنو وڃي ٿو اسان کي ويڇا وساري هڪ ٿيڻو پوندو. ان موقعي تي صوفياڻي راڳ رنگ جي محفل ۾ فنڪار اختيار علي خشڪ ۽ ٻين صوفي فنڪارن حضرت علي جي ولادت تي کيس ڀيٽا پيش ڪئي.
0 Response to "سڪرنڊ جي تاريخي بزرگ شهيد جيئو جنگ تي ولادت حضرت علي عليه السلام جي سلسلي ۾ تقريب ٿي گذري. جنهن ۾ حضرت علي عليه السلام جي ولادت جو ڪيڪ ڪاٽي صوفياڻي محفل"
Post a Comment