مقصودو رند لڳ سرھاڙي شاخ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف پڇڙي جي آبادگارن جو احتجاج
مقصودو رند لڳ سرھاڙي شاخ جي پڇڙي ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف ۽ شاخ کي دڪو ڏيڻ خلاف جي پڇڙي جي آبادگارن جو احتجاجي مظاهرو
رپورٽ ظھور حسين رند
مقصودو رندجي سرھاڙي شاخ جي پڇڙي ۾ پاڻي جي شديد کوٽ خلاف ۽ شاخ کي دڪو ڏيڻ خلاف پڇڙي جي آبادگارن الھداد رند .بچل رند .خادم حسين رند .دوست علي رند جي اڳواڻي ۾ نيشنل پريس ڪلب مقصودو رند اڳيان آبپاشي عملدارن ۽ ٺيڪيدار خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ۽ آبپاشي عملي خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته سرھاڙي شاخ کي پڪو ته ڪيو ويو پر سيفل موري وٽ شاخ کي وڏو دڪو ڏنو ويو آهي جنھنڪري پڇڙي تائين پاڻي نه ٿو پهچي ۽ هٿرادو پاڻي جي کوٽ پيدا ڪئي پئي وڃي جنھن سبب اسان جا فصل سڪي تباھ ٿي ويا آھن ۽ اسان جو چوپايو مال پڻ اڃ وگھي مري رھيو آھي ۽ اسان کي مالي ۽ معاشي نقصان ٿي رھيو آھي ھنن وڌيڪ چيو ته اسان جي اپيل آھي سنڌ سرڪار ۽ ٻين اعلي اختيارين کي ته اسان جي شاخ ۾ پاڻي جي کوٽ ختم ڪئي وڃي ۽ آبپاشي عملدارن ۽ ٺيڪيدار خلاف ايڪشن کنيو وڃي ٻي صورت ۾ ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو
0 Response to "مقصودو رند لڳ سرھاڙي شاخ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف پڇڙي جي آبادگارن جو احتجاج"
Post a Comment