حيدراباد جي ڳوٺ آحمد خان عالماڻي ۾ ڇتي ڪتن جو آزار ڇتي ڪتي گهر جي گهٽي ۾ بيٺل 5 ورهين جي معصوم نينگر ابو بڪر سمون کي ڏاڙهي وڌو
حيدراباد جي ڳوٺ آحمد خان عالماڻي ۾ ڇتي ڪتن جو آزار ڇتي ڪتي گهر جي گهٽي ۾ بيٺل 5 ورهين جي معصوم نينگر ابو بڪر سمون کي ڏاڙهي وڌو
رپوٽر محمد اسلم ٽنگڙي
حيدراباد ضلع ٻھراڙي يونين ڪونسل عالماڻي جي ڳوٺ آحمد خان عالماڻي ۾ ڇتي ڪتن جو آزار ڇتي ڪتي گهر جي گهٽي تي بيٺل 5 ورهين جي معصوم نينگر ابو بڪر سمون کي ڏاڙهي سخت زخمي ڪري وڌو ڪتي جي ڏاڙهيل معصوم نينگر کي زخمي حالت ۾ مقامي اسپتال صحت مرڪز ٽنڊو فضل ۾ علاج لاء نيو ويو جتي ڪتي جي بچاء جي ويڪسين نه هئڻ ڪري نينگر جو اعلاج نه ٿي سگهيو زخمي ٿيل نينگر کي کيس علاج لا حيدراباد نيو ويو جڏهن ان سلسلي ۾ جمال خان عالماڻي حبيب الله عالماڻي غلام عباس عالماڻي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته رولو ڪتن جي آزار سبب مسجدن ۾ نماز ۽ ٻارن کي اسڪول موڪلڻ مشڪل بڻجي ويو آهي هنن چيو ته ڪيتريون دانهون ڪوڪون ڪيون آهن پر ڪير ٻڌڻ لا تيار ناهي هنن تڪ جي ايم پي اي شرجيل انعام ميمڻ ايم اين اي سيد طارق شاه ڄاموٽ ڊي سي حيدراباد کان گهر ڪئي ته خدا جي واسطي رولو ۽ ڇتي ڪتن جي خلاف ڪاروائي ڪرائي معصوم ٻارڙن جون انساني زندگيون بچايون وڃن
0 Response to "حيدراباد جي ڳوٺ آحمد خان عالماڻي ۾ ڇتي ڪتن جو آزار ڇتي ڪتي گهر جي گهٽي ۾ بيٺل 5 ورهين جي معصوم نينگر ابو بڪر سمون کي ڏاڙهي وڌو"
Post a Comment