سڪرنڊ موليٰ علي مشڪل ڪشا سيدنا علي رضي الله تعاليٰ جن جي ولادت با سعادت جو جشن
سڪرنڊ موليٰ علي مشڪل ڪشا سيدنا علي رضي الله تعاليٰ جن جي ولادت با سعادت جو جشن
سڪرنڊ رپورٽ راج ڪماراوڏ
موليٰ علي مشڪل ڪشا سيدنا علي رضي الله تعاليٰ جن جي ولادت با سعادت جو جشن اصغريه علم و عمل تحريڪ پاران سڪرنڊ پريس ڪلب ۾ انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو ان موقعي تي حجته الاسلام علامه سيد محمد عروج زيدي خطاب ڪندي چيو ته اڄوڪو ڏينهن امير المومنين جي ولادت جو ڏينهن آهي جيڪو يقيناََ عالم اسلام لاءِ عيد جو ڏينهن آهي موليٰ علي عليه السلام جي جيڪڏھن معرفت جو ذڪر ڪجي ته موليٰ علي عليه ااسلام جون هونءَ ته اڻڳڻيون فضيلتون آهن پر حضور سرور ڪائنات صليٰ الله عليه وسلم جو نياڻو هئڻ سائين جن سان سوٽ جو رشتو هئڻ ، سيده فاطمه جو ورُ هئڻ حسنين ڪريمين جو والد هئڻ به ڪمال جي فضيلت آهي هن چيو ته جڏھن جنگ خندق ۾ دشمنن پاران حضور سائين جن جي خيمن تي حملي جي ڪوشش ڪئي پي وئي ته حضور سرور ڪائنات فرمايو ته آهي ڪو جيڪو هن دشمن ڪُتي کي روڪي ته حضرت علي عليه الاسلام جن هئا جن وڌي ان دشمن سان مقابلو ڪيو توڙي جو کوڙ سارا ماڻھو موجود هئا پر اها سعادت ۽ بهادري سيدنا عليه السلام جي حصي ۾ آئي حضرت علي بهادريءَ سان گڏ علم جو به خزانو هئا علماء جو خيال آهي ته سيدنا علي جون ٻه خوبيون سڀ کان وڌيڪ ڪمال جون هيون هڪ سندن عبادت ٻيو سندن علم جنهن جي اسلامي تاريخ شاهد آهي اهوئي موليٰ علي رضي الله عنه جن ئي آهن جن جو فرمان آهي ته جيڪڏھن جنت ۽ دوزخ نه به هجن ها ته به مان رب ڪائنات جلشانه جي عبادت ڪريان ها ڇاڪاڻ جو رب ڪائنات عزوجل عبادت جي لائق آهي حضرت علي جن فرمائيندا هئا ته مونکي اهو افسوس رهيو ته مونکي جيترو علم هو اوترو ماڻھو مونکان پڇي نه سگهيا ان موقعي تي سيد عباس شاھ ، سيد ماجد شاھ ، سيد قربان شاھ ، محمد بخش ڪيريو سميت اصغريه علم عمل تحريڪ جا ورڪر پڻ موجود هئا جڏھن ته مختلف شعبن سان لاڳاپيل شخصيتن پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي
0 Response to "سڪرنڊ موليٰ علي مشڪل ڪشا سيدنا علي رضي الله تعاليٰ جن جي ولادت با سعادت جو جشن"
Post a Comment