ABOUT NEEM TREE
ھي نم جو پراڻو وڻ ڊگھڙي ٽنڊو غلام علي
روڊ تي آھي اڄ منھنجو ان روڊ تان گذر ٿيو ته ان نم جي وڻ جون تصويرون ورتم ھن نم
سان گڏ ٻيا به وڻ ھئا پر آھي وڍجي ختم ٿي ويا ھي وڻ ھن وقت ان جاء تي اڪيلو آھي
اسان جڏھن ننڍڙا ھئاسون ٻاروتڻ ۾ ھئاسون اسان کي بابا ٽنڊو باگو پڙھائڻ جي لاء وٺي
ويو ٽنڊو باگو کان ڊگھڙي تائين سومري دلواڻي جي
بس ھلندي ھئي جيڪا ٽنڊو باگو مان صبح جو سوير ڊگھڙي لاء
نڪرندي ھئي جيڪا وري شام جو ڊگھڙي مان ٽنڊو باگو واپس ايندي ھئي ڪڏھن ڪڏھن بس خراب
ٿيڻ يا يا ٻين سبب ڪري ھفتو نه ھلندي ھئي ان ڪري بابا اسان کي موڪل
ملڻ يا عيد وغيره تي پنھنجي سئوٽن سان جيڪي اسان کان عمر ۾ وڏا
ھئا انھن سان گڏ تلھار ماتلي ٽنڊو غلام علي کان ڦري ڊگھڙي ايندا ھئاسون جي بس نه
ھوندي ھئي ته ڊگھڙي مان ٽانگا ھلندا ھئا
انھن ۾ چڙھي ڳوٺ پھچندا ھئاسون اسان جڏھن
پراڻو دنمبالو ڪراس ڪندي ھئاسون ت بس جي درين مان اسان جون اکيون انھن وڻن کي نظر
اچن لاء تلاش ڪنديون ھيون ڇو ته انھن وڻن وٽ پھچڻ مطلب ڊگھڙي پھچڻ جڏھن اسان بس جي
درين مان انھن وڻن کي ڏسندا ھئاسون چپن تي بي اختيار مرڪ اچي ويندي ھئي ته ھاڻ
ڊگھڙي پھچڻ وارا آھيون ڊگھڙي پھچڻ بعد پنھنجي ڳوٺ چرخيلو پھچنداسون اھا سڄي خوشي
اسان کي ڳوٺ پھچڻ جي لاء ھوندي ھئي اڄ مون ان پنھنجي ٻاروتڻ جي خوشي کي ڳولڻ جي
لاء نم جي ٽارين ۾ نظرون ڦرين پر نم جو وڻ خود زخمي ھو ڪيترن احساسن جون خوشيون ان
نم جي ٽارين ۽ پنن تان ھو آ جيان اڏامي ويون ھيون ان وقت مون ان نم جي وڻ کي جنھن
جا ڪيترائي ڏار ڪھاڙن سان ڪپيل ھئا ڪيمرا جي فليش سان ھن نم جي زخمي وڻ جون
تصويرون ورتم ۽ ان دوران ھن نم جي ٽارين ۽ پتن تي اڻ ڳڻيل غم ء درد اٽڪيل ھئا ۽ ھڪ
درد مون کي ڊگھڙي جي ان نوجوان جي قتل جو نظر آيو جيڪو عبدالمالڪ نوحاڻي جي نالي
سان سڃاتو ويندو ھو جيڪو سنڌ ترقي پسند پارٽي جو
اڳواڻ ھو ۽ ھڪ سلجھيل باشعور سياسي ذھين رکندڙ نوجوان ھو جنھن کي مظلوم ماڻهن جو
آواز بنجڻ تي ڀوتارن شھيد ڪرائي ڇڏيو مون ھن وڻ جي ھر ٽاري کي ۽ پتن کي ڊگھڙي
جي نوجوان شھيد مالڪ نوحاڻي جي قتل جي درد جي احساسن کي محسوس ڪيو ھن وڻ جي ھڪ طرف
مالڪ نوحاڻي جو ڳوٺ آھي ته ٻي طرف شھيد مالڪ نوحاڻي جي آخري آرام گاھ آھي مون
پنھنجي دل جا سمورا احساس سھيڙي شھيد مالڪ نوحاڻي جي عظمت کي سجدو ڪيو
laar voice news
story about
neem tree
write by Nasrullah jarwar Tando bago
0 Response to "ABOUT NEEM TREE نم جو وڻ "
Post a Comment