گروپ انشورنس جا پئسا ۽ حڪومتي قانون تحرير انور علي عباسي
Saturday, February 20, 2021
Comment
گروپ انشورنس جا پئسا ۽ حڪومتي قانون
تحرير انور علي عباسي
گروپ انشورنس جا پئسا هر سرڪاري ملازم جي پگهار مان ماهوار ڪٽي اسٽيٽ لائف انشورنس وارن جي اڪائونٽ ۾ جمع ٿيندا آهن جيڪي وري انهن گڏ ٿيل پئسن مختلف هنڌن تي وياج تي استعمال ڪري مال ڪمائيندا آهن. اصل ۾ گروپ انشورنس جي ڪٽجندڙ رقم به صوبائي حڪومتن کي جي پي فنڊ جيان ملازمن کي ڏيڻي هوندي آهي پر هن ملڪ جو عجيب قانون آهي. جتي غريبن کي بئنڪن مان قرض نه ملندو آهي ۽ ڪرپٽ سياستدان اربين روپيا قرض کڻي واپس ڪرڻ بجاءِ معاف ڪرائي وري ٻي قرض لاءِ اپلائي ڪري ڇڏيندا آهن. ڪجهه سال اڳ بلوچستان ۽ خيبر پختون خواه جي رٽائرڊ سرڪاري ملازمن هاء ڪورٽ ۾ گروپ انشورنس جي رقم جي نه ڏيڻ تي حڪومتن خلاف ڪيس داخل ڪيا جتي سندن هڪ ۾
فيصلو آيو ان فيصلي کان پوءِ اسان جي وڏي ڀاءُ پنجاب صوبي جي ملازمن سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي جن جي پڻ حق ۾ فيصلو آيو جنهن بعد بلوچستان، خيبر پختونخواه ۽ پنجاب صوبي جي رٽائرڊ ملازمن کي گروپ انشورنس جي رقم ملي رهي آهي پر سنڌ صوبي جا رٽائرڊ ملازم ننڌڻڪا بنيل آهن
روٽي ڪپڙا ۽ مڪان جي نعري تي ووٽ وٺندڙ سنڌين جي هڏ ڏوکي پ پ حڪومت جي وزير اعلي سيد مراد علي شاه صاحب رٽائرڊ ملازمن کي پنهنجو جائز حق ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي. اسان سنڌ صوبي جا ملازم پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کان مطالبو ڪندي گهر ڪريون ٿا ته سنڌ صوبي جي رٽائرڊ ملازمن کي سندن گروپ انشورنس وارو حق فورن ڏنو وڃي.
0 Response to "گروپ انشورنس جا پئسا ۽ حڪومتي قانون تحرير انور علي عباسي"
Post a Comment