-->

Pop up

Ads display

سڪرنڊ ڊائمنڊ ڪنگ ڪرڪٽ  ۽ سعيد زلمي ڪرڪيٽ وچ ۾ ٽورنامينٽ  ڊائمنڊ ڪنگ ميچ کٽي ورتو                                                           Cirket News

سڪرنڊ ڊائمنڊ ڪنگ ڪرڪٽ ۽ سعيد زلمي ڪرڪيٽ وچ ۾ ٽورنامينٽ ڊائمنڊ ڪنگ ميچ کٽي ورتو Cirket News

 سڪرنڊ ڊائمنڊ ڪنگ ڪرڪٽ  ۽ سعيد زلمي ڪرڪيٽ وچ ۾ ٽورنامينٽ  ڊائمنڊ ڪنگ ميچ کٽي ورتو

سڪرنڊ نيوز رپورٽ اڪبر ملاح 

همدرد آرگنائيزيشن جي گل محمد رند جي ميزباني هيٺ ڪرايل ايس
 سي ايل 4 ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ 19 ڏينهن جاري رهڻ بعد پڄاڻي تي پهتو
تفصيل 
 همدرد آرگنائيزيشن جي گل محمد رند جي ميزباني هيٺ ڪرايل ايس سي ايل 4 ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ 19 ڏينهن جاري رهڻ بعد پڄاڻي تي پهتو

ٽورنامينٽ ۾ ضلعي جي ڇهن ٽيمن حصو ورتو. فائنل ميچ ۾ ڊائمنڊ ڪنگ ۽ سعيد زلمي پهتيون. ٽورنامينٽ ميچ جي فائنل ۾ سعيد زلمي پهريان کيڏندي 20 اوورن ۾ 173 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي ويئي. جڏهن ته ڊائمنڊ ڪنگ 17 اوورن ۾ چئن رانديگرن جي آئوٽ ٿيڻ بعد اسڪور پورو ڪري فائنل جي ٽرافي ۽ 125 موٽر سائيڪل گل محمد رند جي هٿان ڪئپٽن منصور راول ، اونر علي حسن انڙ پنهنجي نالي ڪري ورتي. جڏهن ته فائنل ۾ پهچڻ تي سعيد زلمي جي ڪئپٽن صالح ڪيريو کي موٽر سائيڪل انعام ۾ ڏني ويئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳوڻي وفاقي سيڪريٽري گل محمد رند چيو ته اسان جو مقصد نوجوانن جي ٽئلينٽ کي هٿ ڏيارڻ آهي. سنڌ جا نوجوان تعليم سان گڏ راندين جي ميدان ۾ پنهنجو پاڻ کي مڃرائين. اسان جي ڌرتي امن ۽ محبت واري ڌرتي آهي هن ڌرتي تان انسانيت جو پيغام ڏنو وڃي ٿو. ان موقعي تي پي ٽي آئي جي سينيئر اڳواڻ قاضي نديم ، محمد اسحاق چانڊيو، سينيئر صحافي قاضي جاويد سنائي ، ميڊيا سينٽر جي صدر قربان عمراڻي، صحافي نياز چانڊيو ، رضا محمد سيال ۽ آرگنائيزر ڪميٽي جي محمد ياسين شيخ ، امير گل رند ، لياقت جٽ ، راشد کهڙو، اقبال رند ۽ ٻيا موجود هئا. ٽورنامينٽ ۾ حصو وٺندڙ رانديگرن کي ٽرافيون ۽ ڪيشن انعام سميت گولڊ ميڊل پڻ ڏنا ويا. جڏهن ته فائنل کٽيندڙ ڊائمنڊ ٽيم جي مداحن پاران گرائونڊ ۾ شاندار آتش بازي ڪئي وئي. جڏهن ته آنر علي حسن انڙ ۽ ڪپٽن منصور راول کي ڪلهن تي کڻي جمهريون هنيون.

0 Response to "سڪرنڊ ڊائمنڊ ڪنگ ڪرڪٽ ۽ سعيد زلمي ڪرڪيٽ وچ ۾ ٽورنامينٽ ڊائمنڊ ڪنگ ميچ کٽي ورتو Cirket News "

Post a Comment

Trending Posts Display

Discount Offer