-->

Pop up

Ads display

سنڌ سرڪار پاران سنڌ ۾ پينو فقيرن تي پابندي

سنڌ سرڪار پاران سنڌ ۾ پينو فقيرن تي پابندي

تحرير شھزاد علي ميمڻ ٽنڊوباگو

 سنڌ سرڪار گذريل ڪجه ڏينهن پهريان اهو اعلان ڪيو هو ته  هاڻي پينو فقيرن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويندو ٺيڪ آ اسان متفق آھيون پينو فقيرن خلاف بلي ڪريڪ ڊائون ڪريو پر ان کان پهريان اهو ڏسو ته ڇا سنڌ ۾ هلندڙ چرس ڀنگ آفيم ۽ ٻين سماجي براين خلاف اڃان تائين ڪريڪ ڊائون شروع ڇو نه ڪيو ويو آھي پينو فقير وري به غربت جي چڪي ۾ پيسجي پنڻ تي مجبور ٿي رهيا آھن پوء هنن سرڪاري وانٺن کي اهي بۡرايون ڇو نه ٿيون نظر اچن جن سان هن معاشري ۾ بگهاڙ پيدا ٿي رهي آھي نوجوان نسل تباه ٿي رهيو آھي انهن خلاف ڇو نه ٿو ڪريڪ ڊائون ڪيو وڃي ؟ ان ڪري جو چرس کان ويندي شراب جي گۡتن تائين هر انهي سماجي برائي جي منٿلي مقرر ٿيل آھي جيڪا هن سماج لاء ناسور فٽ ثابت ٿي رهي پينو فقير وري به انهن براين کان چڱا آھن گهٽ ۾ گهٽ ٻين ۾ 

برايون ته پيدا ڪو نه ٿا ڪن

 جيڪڏهن سنڌ سرڪار پينو فقيرن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪري ٿي ته ان کان پهريان جيڪي حقيقي پينو فقير معزور آھن انهن کي هر مهيني پگهار مقرر ڪري پوء پينو فقيرن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪري .چڪلا بلي پيا هلن منشات بلي پئي هلي .جوا بلي پئي هلي باقي پينو فقير جن وٽ نه گهر نه پگهار انهن تي پابندي انهن خلاف ڪريڪ ڊائون . مونکي لڳي ٿو ته هاڻي پينو فقيرن کان منٿلي وصول ڪئي ويندي وفاقي توڙي سنڌ سرڪار هنن ماڻهن جو حشر به اهڙو ڪيو آھي آھي جن وٽ روئڻ کان سواء ٻيو ڪجه به ناهي بحرحال جيڪي ڍونگي پينو فقير آهن جن وٽ هٿ پير به آھن پوء به ڪمائين نه ٿا انهن خلاف ڪريڪ ڊائون بلي ڪريو باقي  حقيقي معزور پينو فقيرن کي پگهار ڏئي کيس پنڻ کان بچايو اسين ان ڳاله سان متفق آھيون 

0 Response to "سنڌ سرڪار پاران سنڌ ۾ پينو فقيرن تي پابندي "

Post a Comment

Trending Posts Display

Discount Offer