خانپورمهر شگر مل انتظاميا پاران ڪيميڪل مليل زهريلو پاڻي واھ ۾ ڇوڙ ڪرڻ خلاف گهوٽڪي جي عدالت ۾ پٽيشن داخل
Tuesday, January 26, 2021
Comment
خانپورمهر شگر مل انتظاميا پاران ڪيميڪل مليل زهريلو پاڻي واھ ۾ ڇوڙ ڪرڻ خلاف گهوٽڪي جي عدالت ۾ پٽيشن داخل
سردار غلام محمد مهر شگر مل انتظاميا پاران ڪيميڪل مليل
زهريلو پاڻي پراڻو مهرو واھ ۾ ڇوڙ ڪرڻ خلاف گهوٽڪي جي عدالت ۾ پٽيشن داخل عدالترپورٽ ميرمنٺارچنه
2 فيبروري تي شگر مل جي جنرل مئنيجر ۽ ڪين مئنيجر کي طلب ڪندي انتظاميه کان
پڻ رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي رپورٽ موجب غلام محمد شگر مل ايس جي ايم انتظاميه پاران
مل جو ڪيميڪل مليل زهريلو پاڻي ڪافي عرصي کان ڀرسان گذرندڙ مهرو واہ ۾ ڇوڙ ڪيو پيو
وڃي جنهن سبب زهريلو پاڻي پيئڻ سبب مقامي ڳوٺاڻن جا ڪيترائي ڍور ڍڳا مري ويا آهن ۽
ڳوٺاڻن ۾ پڻ بيماريون پکڙجي رهيون آهن ان سلسلي ۾ڳوٺ ٻيڙو
ملاڻو جي رهواسي درخواستگذار عبدالستار ملاڻو پنهنجي وڪيل ايڊووڪيٽ پرديپ ڪمار جي معرفت فرسٽ سول جج جوڊيشنل مئجسٽريٽ گهوٽڪي جي عدالت ۾
پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي آهي درخواستگذار درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته غلام محمد مهر شگر مل انتظامياڪافي عرصي کان پراڻي
مهرو واھ ۾ ڪيميڪل مليل زهريلو پاڻي ڇوڙ ڪري رهي آهي زهريلي ۽ ڪيميڪل واري پاڻي
پيئڻ سبب اسان جا ڪيترائي ڍور ڍڳا مري ويا آهن ۽ ڳوٺاڻن ۾ پڻ بيماريون پکڙجي رهيون آهن، ڪافي ڀيرا مل
انتظاميه کي زهريلو پاڻي واھ ۾ ڇوڙ ڪرڻ کان منع ڪيو پر انتظاميه زهريلو پاڻي واھ ۾
ڇوڙ ڪرڻ کان نه ٿي مڙي فرسٽ جوڊيشل مئجسٽريٽ گهوٽڪي جي عدالت اهڙي درخواست تي نوٽيس جاري ڪندي 2
فيبروري تي غلام محمد شگر مل جي جنرل ميئجر ۽ ڪين مينجر کي طلب ڪري سيڊاڊائريڪٽر
گهوٽڪي، اي سي خانڳڙھ، ايس ايڇ او گهوٽڪي اي سيڪش، ۽
مختيارڪار خانڳڙھ کان رپورٽ پڻ طلب ڪري ورتي آهي
0 Response to "خانپورمهر شگر مل انتظاميا پاران ڪيميڪل مليل زهريلو پاڻي واھ ۾ ڇوڙ ڪرڻ خلاف گهوٽڪي جي عدالت ۾ پٽيشن داخل"
Post a Comment