ماتلي شھر ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ غير اعلانيل لوڊشيڊنگ، شھر ۾ ناڪاره ، جڳاڙي ٽرانسفارم لڳائڻ خلاف سماجي تنظيم ماتلي اتحاد پاران ريلي ڪڍي وئي
رپورٽ:-جميل ڀرڳڙي ماتلي
ماتلي شھر ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ غير اعلانيل لوڊشيڊنگ، شھر ۾ ناڪاره ، جڳاڙي ٽرانسفارم لڳائيڻ ۽ شھرين تي بلا جواز ڏنڍ وجھڻ خلاف سماجي تنظيم ماتلي اتحاد جي آفيس مان ريلي ڪڍي وئي ريلي جي قيادت ماتلي اتحاد جي صدر رفيق ميمڻ ڪئي،
ريلي شھر جو گشت ڪري ٽنڊو غلام علي روڊ تي مظاھرو ڪيو مظاھري کي ماتلي اتحاد جي صدر رفيق ميمڻ، منور سمون، فقير ياسين ڪشميري، رئوف عالم راجپوت۔ باسط شاه۔ علي چوھاڻ، ممتاز زئور، ايڍوڪيٽ واجد رستماڻي۔ شرافت مڱڻھار ،خطاب ڪندي چيو ته ايس ڊي او واپڊا طرفان غير اعلانيل لوڊشيڊنگ جي ڪري شھرين جو سڪون،ڪاروبار،تباھ ٿي رھيو آھي واپڊا وارن لوڊشيڊنگ جو شيڊول وڌائي 18 کان20 ڪلاڪ ڪري چڏيو آھي، قيامت جھڙي گرمي ۾ شھرين جو جيڻ جنجال ڪري چڏيو آھي، مٿان کان آيل نوان ٽرانسفارم زميندارن کي وڪرو ڪري ناڪاره ۽ جڳاڙي ٽرانسفارم شھر ۾ لڳايو ويٺا آھن جيڪي ھفتي ۾ خراب ٿيو وڃن جنھن کي شھري چندو ڪري پنھنجي مدد پاڻ تحت ٺھرائين ٿا، شھر ۾ برف جا ڪارخانا، ڪيترين ئي ھوٽلن کي ۽ ٻھراڙي ۾ ڪيترن ئي زميندارن جا ٽيوب ويل ڊاريڪٽ ھلن ٿا انھن جي ماھوار لکين روپيه منٿلي ايس ڊي او حيسڪو ۽ ٻيو عملو کڻي ٿو چوري جي لائيٽ جي پورائي لاء شھرين تي ڳرا ڏنڍ وڌا وڃن ٿا جيڪي زھني ، نفسياتي طور پريشان ٿين ٿا، اڳواڻن مطالبو ڪيو ته شھر ۽ ٻھراڙين ۾ نوان ٽرانسفارم لڳائي شھرين تي ناجائز ڏنڍ وجھڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي ۽ ملوث ايس ڊي او ۽ ٻين اھلڪارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.
0 Response to "ماتلي شھر ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ غير اعلانيل لوڊشيڊنگ، شھر ۾ ناڪاره ، جڳاڙي ٽرانسفارم لڳائڻ خلاف سماجي تنظيم ماتلي اتحاد پاران ريلي ڪڍي وئي"
Post a Comment