سڪرنڊ يوم القدس جي موقعي تي فلسطيني عوام ظلم ۽ تشدد خلاف شيعا علماء ڪائونسل طرفان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي
سڪرنڊ يوم القدس جي موقعي تي فلسطيني عوام ظلم ۽ تشدد خلاف شيعا علماء ڪائونسل طرفان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي
سڪرنڊ رپورٽ راج ڪماراوڏ
يوم القدس جي موقعي تي سڪرنڊ ۾ قائد ملت جعفريه علامه سيد ساجد علي نقوي جي سڏ تي اسرائيل طرفان فلسطيني عوام تي ظلم ۽ تشدد خلاف شيعا علماء ڪائونسل طرفان سيد سبحان شاھ جي اڳواڻي ۾ حيدري مسجد کان قاضي سرفراز ميمڻ چونڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي شيعا علماء ڪائونسل تعلقه سڪرنڊ جي اڳواڻ سيد سبحان علي شاھ، عالم دين علامه دلدار حسين مطھري، سيد احسان علي شاھ ۽ ٻين چيو ته اسرائيل فلسطيني عوام مٿان ظلم ڪري رھيو آھي، ھنن چيو ته فلسطين جي عوام مٿان ڪيترن ئي سالن کان ظلم ٿي رھيو آھي، تنھن باوجود بين الااقوامي ادارا خاموش آھن، ھنن چيو ته بنيادي انساني حقن جي پائمالي ۽ هر ناجائزي خلاف فلسطيني مسلمانن سان گڏ آھيون، ھنن بين الااقوامي ادارن کان مطالبو ڪيو ته فلسطين جي مسلمانن مٿان اسرائيل طرفان ٿيندڙ تشدد ۽ ظلم جو نوٽس وٺي فلسطينن کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي،
0 Response to "سڪرنڊ يوم القدس جي موقعي تي فلسطيني عوام ظلم ۽ تشدد خلاف شيعا علماء ڪائونسل طرفان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي"
Post a Comment