حيدرآباد مرحوم عبدالمناف نظاماڻي جي بيوه ام فره نظاماڻي پنهنجي رهائيشگاه تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو...
حيدرآباد مرحوم عبدالمناف نظاماڻي جي بيوه ام فره نظاماڻي پنهنجي رهائيشگاه تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو...
حيدراباد رپورٽر محمد اسلم ٽنگڙي
حيدرآباد عدالت ۾ انصاف لا پٽيشن داخل ڪرڻ کانپو ڪيس تان هٿ کڻڻ لا دٻا وڌو پيو وڃي جان کان ماڙڻ ۽ خطرناڪ نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ملي رهيون آهن
اهڙن خيالن جو اظهار مرحوم عبدالمناف نظاماڻي جي بيوه ام فره نظاماڻي پنهنجي رهائيشگاه تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو هن ڇيو ته منهنجو مڙس واپڊا ۾ ميٽر ريڊر جي پوسٽ تي ڪم ڪندو هو جيڪو هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو جنهن کانپو منهنجي سهري عبدالطيف نظاماڻي ۽ سندن پٽن مونکي جبري طور گهر مان بي دخل ڪري ڇڏيو ۽ مڙس جي ملڪيت تي قبضو ڪري ورتو
هن چيو منهنجي سهري زبردستي مارڪٽ ڪري گهر تي قبضو ڪري زيور روڪ رقم پڻ کسي ورتا آهن هن چيو ته اهو ڪٿان جو قانون آهي جو زال کي مرحو م مڙس جو عدت ڪرڻ نه ڏنو وڃي هن چيو ته مڙس جي وفات تي عدت ڪرڻ زال جو قانوني ۽ شرعي حق آهي جيڪو حق منهنجي سهري عبدالطيف ۽ ان جي عزيزن مونکا ن کسي ورتو ۽ گهر مان بي دخل ڪري انسانيت جا ليڪا لتاڙي ڇڏيا آهن
هن چيو ته مڙس جي ملڪيت جي آئون قانوني وارث آهيان جنهن خلاف مون سنڌ ھاء ڪور ٽ سرڪٽ بيئنچ حيدراباد ۾ حيسڪو جي ايم ڊي سيڪريٽري سميت لاڳاپيل عملدارن خلاف پٽيشن داخل ڪرائي آهي جنهن جي ٻڏڻي 27 مئي تي ٿيندي هن چيو ته عدالت ۾ انصاف لا وڃڻ کانپو منهنجو سهرو عبدالطيف نظاماڻي ۽ ان جا عزيز مونکي مختلف طريقن سان ڪيس تان هٿ کڻڻ لا ڌمڪائي رهيا آهن ڪيس تان هٿ نه کڻڻ جي صورت ۾ مونکي ۽ منهنجي مائيٽن کي جان کان ماڙڻ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ سميت خطر ناڪ نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن
هن چيو ته ڇا به ٿي پوي پر مڙس جي ملڪيت جي قانوني وارث آهيان مونکي عدالت مان انصاف جي اميد آهي باقي ڌمڪين کان هر گز نٿي ڊڄان هن وزير اعظم پاڪستان سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس چيف آف آمي اسٽاف وزير اعلي سنڌ آئي جي سنڌ ڊي آئي جي حيدراباد کان گهر ڪئي آهي ته مونسان انصاف ڪري تحفظ مهيا ڪيو وڃي
0 Response to "حيدرآباد مرحوم عبدالمناف نظاماڻي جي بيوه ام فره نظاماڻي پنهنجي رهائيشگاه تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو..."
Post a Comment