-->

Pop up

Ads display

مقصودو رند پوليس نابين نوجوان ناري سان زبردستي زيادتي جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ ناري جي وارثن  تي ڪيس داخل

مقصودو رند پوليس نابين نوجوان ناري سان زبردستي زيادتي جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ ناري جي وارثن تي ڪيس داخل

  مقصودو رند پوليس نابين نوجوان ناري سان زبردستي زيادتي جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ ناري جي وارثن  تي ڪيس داخل



مقصودو رند(رپورٽ ظھورحسين رند)

درياء خان رند ايٽ مقصودو رند پوليس جي انڌير نگري ٻه ھفتا اڳ اکين کان نابين نوجوان ناري سان زبردستي زيادتي جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ ابتو ناري جي وارثن  تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو ناري جو سخت احتجاج  خبر موجب درياء خان رند ايٽ مقصودو رند پوليس جو ھڪ وڌيڪ ڪارنامو سامھون اچي ويو ٻه ھفتا اڳ ڳوٺ جيئندو رند ۾ اکين کان نابين نوجوان ناري (س) سان سجاد خاصخيلي زبردستي زيادتي جي ڪوشش ڪئي جنھن جي ناري جي وارثن پاران ايف.آئي.آر ڪئي وئي پر پوليس ابتو ناري جي وارثن مٿان ڪيس داخل ڪري ڇڏيو پوليس جي اھڙي عمل خلاف متاثر نابين ناري (س)  احتجاجي مظاهرو ڪندي ميڊيا اڳيان لڙڪ لاڙيندي دانهيندي چيو ته ٻه ھفتا اڳ مون سان سجاد خاصخيلي زبردستي زيادتي جي ڪوشش ڪئي درياء خان رند ايٽ مقصودو رند پوليس جوابدار سجاد خاصخيلي کي گرفتار نه ڪري سگھي ۽ ابتو اسان کي تنگ ڪري رھي آھي جڏھن تہ ابتو منھجي ڀائرن حقدار ، وقار  ھڪ سؤٽ تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي اسان غريب مسڪين آھيون جڏھن تہ جوابدار بااثر آھي ۽ پوليس کي ڳري رشوت ڏئي منھجي ڀائرن ۽ سؤٽ مٿان ڪيس داخل ڪيو آھي ھن وڌيڪ چيو ته منھنجي اپيل آهي سنڌ سرڪار ، آئي،جي سنڌ ،ڊي، آئي، جي شھيد بينظير آباد ۽ ٻين اعلا اختيارين کي ته مون سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت۾ پنھجي پاڻ کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيندس.

0 Response to "مقصودو رند پوليس نابين نوجوان ناري سان زبردستي زيادتي جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ ناري جي وارثن تي ڪيس داخل"

Post a Comment

Trending Posts Display

Discount Offer