-->

Pop up

Ads display

سڪرنڊ تحفظ ناموس رسالت ۽ لاهور واقعي خلاف تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي مرڪزي سڏ تي سڪرنڊ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

سڪرنڊ تحفظ ناموس رسالت ۽ لاهور واقعي خلاف تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي مرڪزي سڏ تي سڪرنڊ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

 سڪرنڊ تحفظ ناموس رسالت ۽ لاهور واقعي خلاف تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي مرڪزي سڏ تي سڪرنڊ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي



سڪرنڊ رپورٽ راج ڪماراوڏ

 تحفظ ناموس رسالت ۽ لاهور واقعي خلاف تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي مرڪزي سڏ تي سڪرنڊ ۾ پڻ مولانا محمد الدين چانڊيو جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا مختلف هنڌن تان ٿيندي قاضي سرفراز ميمڻ چوڪ ٿي هڪ جلسي جي صورت اختيار ڪري وئي ريليءَ ۾ سوين عاشقان رسول شريڪ ٿيا جڏھن ته سڪرنڊ جي مختلف ننڍن وڏن شهرن مان پڻ ريليون مرڪزي ريليءَ ۾ شريڪ ٿيون ان موقعي مولانا جاويد لطيف قريشي حافظ عاشق حسين ٻگهيو ، حافظ مٺل سڪندري ، مشتاق مگسي ، امداد عطاري ۽ حضرت علامه مولانا محمد مٺل سڪندري سميت ڪيترائي علماء اڪرام ۽ حفاظ اڪرام شريڪ هئا جن الڳ الڳ ڳالهائيندي چيو ته اڄ اسان جو پر امن احتجاج آهي جنهن ۾ لاهور سميت پوري ملڪ ۾ ٽي ايل پي جي ڪارڪنن جي قتل ۽ زخمي ٿيڻ جي مذمت ٿا ڪيون هنن چيو ته هڪ پاسي فرانس حڪومت جي گستاخانه روش آهي ته ٻئي پاسي وري پاڪستان حڪومت جي ساڻن ساز باز آهي اسين اڄ پرامن آهيون پر چتاءُ ٿا ڏيون ته جيڪڏھن فرانس جي سفير کي ملڪ بدر ڪري اسان جي شهيدن جي رت جو حساب نه ڪيو ويو ته احتجاج کي وڌائي به سگهجي ٿي

0 Response to "سڪرنڊ تحفظ ناموس رسالت ۽ لاهور واقعي خلاف تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي مرڪزي سڏ تي سڪرنڊ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي"

Post a Comment

Trending Posts Display

Discount Offer