سنڌ يونائيٽڊ پارٽي اڳواڻ ڌڻي بخش ڪلوئي ۽ ٻين اڳواڻن فنڪشنل ليگ جي اڳواڻ فقير محب علي جمالي جي گرفتاري خلاف پريس ڪانفرنس ڪئي
سنڌ يونائيٽڊ پارٽي اڳواڻ ڌڻي بخش ڪلوئي ۽ ٻين اڳواڻن فنڪشنل ليگ جي اڳواڻ فقير محب علي جمالي جي گرفتاري خلاف پريس ڪانفرنس ڪئي
سڪرنڊ رپورٽ راج ڪماراوڏ
سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي ضلعي اڳواڻن ڌڻي بخش ڪلوئي، فلڪ شير اوڏ، تعلقي اڳواڻ قربان علي مگسي، شھمير جمالي ۽ علي بخش ڪيريو پريس ڪانفرنس ڪندي ضلعي جي معزز شخصيت ۽ فنڪشنل ليگ جي اڳواڻ فقير محب علي جمالي جي گرفتاري ۽ سندس مٿان ڪيس داخل ڪرڻ خلاف چيو ته اسان واضع ڪرڻ چاهيون ٿا ته سندس گرفتاري مڪمل ذاتي ۽ سياسي انتقام تي ٻڌل آھي هنن چيو ته سنڌ حڪومت بوکلاهٽ جو شڪار ٿي زرداري فورس وسيلي مخالفن کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آھي هنن وڌيڪ چيو ته ايس يو پي مڪمل قانون پسند جماعت آھي تنهن ڪري جڏهن به جتي به قانون کي پنهنجي ذاتي ۽ گروهي مفادن لاء استعمال ڪيو ويندو ته ان جي نشاندهي ۽ مخالفت ڪرڻ اسان پنهنجو قانوني ۽ اخلاقي فرض سمجهندا آھيون هنن مطالبو ڪيو ته فقير محب علي جمالي تان ڪيس ختم ڪري ان کي آزاد نه ڪيو ويو ته سخت احتجاج ڪيو ويندو ان موقعي تي محمد بچل ڏهيو، گل حسن رند ۽ ٻيا موجود هئا
0 Response to "سنڌ يونائيٽڊ پارٽي اڳواڻ ڌڻي بخش ڪلوئي ۽ ٻين اڳواڻن فنڪشنل ليگ جي اڳواڻ فقير محب علي جمالي جي گرفتاري خلاف پريس ڪانفرنس ڪئي"
Post a Comment