-->

Pop up

Ads display

Pedestrial March From Sakrand to Nawabshah Students Struggle Day of Sindh سنڌ اسٽوڊنٽس ڪائونسل سڪرنڊ

Pedestrial March From Sakrand to Nawabshah Students Struggle Day of Sindh سنڌ اسٽوڊنٽس ڪائونسل سڪرنڊ

 

سنڌ اسٽوڊنٽس ڪائونسل سڪرنڊ کان نوابشاه تائين پيادل مارچ

Pedestrial March From Sakrand to Nawabshah 

Students Struggle Day of Sindh

 

سڪرنڊ  رپورٽ : راج ڪماراوڏ

سنڌ اسٽوڊنٽس ڪائونسل سڪرنڊ پاران 4 مارچ شاگرد جدوجهد ڏھاڙي تي مطالبن جي مڃتا لاءِ سڪرنڊ کان نوابشاه تائين سنڌ اسٽوڊنٽس ڪائونسل جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري اياز پرهياڙ ، اسد کوسو ، سرفراز گبول ، جساف اڳواڻ سيف رند ، غلام رسول شيخ   جي اڳواڻيءَ ۾ پيادل مارچ ڪيو ويو . ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ڪيترن ئي اندروني ۽ بيروني مسئلن جو شڪار آهي . هڪ پاسي ڌاري آبادڪاري کي منظم سازش تحت آباد ڪيو پيو وڃي ته ٻئي پاسي مذھبي انتها پسندي کي هٿي وٺرائي ماڻھن کي جنونيت طرف ڌڪيو پيو وڃي . تعليمي ادارن اندر فورسز ذريعي خوف ۽ حراس پکيڙيو پيو وڃي ، شاگردن کي کنڀي گم ڪري قومپرست سياسي جدوجهد کي ڪچليو پيو وڃي

Free aducation for all  هنن چيو ته اهڙن هٿڪنڊن ذريعي سنڌ جي ساڃاه ، معيشت ، سياست ۽ سماج کي مفلوج بڻائي سنڌين کي طويل غلاميءَ طرف ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ، پيادل مارچ ۾ شامل سوين شاگرد اسٽوڊنٽس يونين جي بحالي ، تعليمي ادارن مان فورسز جي نيڪالي ، کنڀي گم ڪيل شاگردن جي آزادي ، مفت تعليم ، هاسٽلن جي فراهمي ، ڪوڙن ڊوميسائيلن کي رد ڪرڻ ۽ ڪوڙن ڊوميسائيلن وسيلي ڌارين کي ملندڙ داخلائن جي روڪٿام جا مطالبا ڪري رهيا هئا

Action Against Issuance & Admission on fake Domiciles  ۽ مطالبا تسليم نه ڪرڻ جي صورت ۾ سنڌ اندر زبردست احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو چتاءُ ڏئي رهيا هئا

Sindh Students Council 2021 in the Remembrance of 4 March 1967 .

0 Response to "Pedestrial March From Sakrand to Nawabshah Students Struggle Day of Sindh سنڌ اسٽوڊنٽس ڪائونسل سڪرنڊ"

Post a Comment

Trending Posts Display

Discount Offer