خانپورمهر جو پورهيت ڪمال ماڇي خطرناڪ بيماري ۾ مبتلا khanpor mahir laar voice news
خانپورمهر ويجهو ڳوٺ غازي ماڇي جو رھواسي 50 سالن جو پورهيت ڪمال ماڇي گذريل سال کان سي بي ڊي جي بيماري ۾ مبتلا آهي، بيماري سبب بهتر علاج نه ٿيڻ ڪري مسلسل هڪ ئي کٽ تي بي يارو مددگار پيل آهي
خانپور مهر (رپورٽ ميرمنٺارچنه) ويجهو ڳوٺ غازي ماڇي جو رهواسي 50سالن جو پورھيت گڏھ گاڏو ھلائیندڙ ڪمال ماڇي ھيپاٽس سي بي ڊي جي بيماري ۾ مبتلا، وارث غربت سبب علاج ڪرائڻ کان قاصر، چونڊيل نمائندن توڙي سرندي وارن کان علاج ڪرائڻ ۾ مدد جي اپيل، خبرموجب، خانپورمهر ويجهو ڳوٺ غازي ماڇي جو رھواسي 50 سالن جو پورهيت ڪمال ماڇي گذريل سال کان سي بي ڊي جي بيماري ۾ مبتلا آهي، بيماري سبب بهتر علاج نه ٿيڻ ڪري مسلسل هڪ ئي کٽ تي بي يارو مددگار پيل آهي، پورهيت ڪمال ماڇي ٻڌايو ته سندس ھڪ سال ھيپا ٽس. سي بي ڊي جھڙي موذي مرض لڳي ويو آهي، هن ٻڌايو ته آئون مسڪين آهيان 10 نياڻيون جو اولاد آھي ء ھڪ پٽ آھي اھو بہ گونگو ٻوڙو آھي بکون ڪاٽڻ تہ مجبور آھيون رات کائون ڏينھن ويٺا آھيون ايتري سگهه ناهي جو پنھنجو علاج ڪرائي سگهان، جڏهن ته مقامي ڊاڪٽرن کان علاج ڪرايو آهي پر ڪو به فائدو نه پيو آهي، پورهيت چونڊيل نمائندن توڙي سرندي وارن کي اپيل ڪئي آهي ته گھر لاء راشن ڏنو وڃي ء سندس جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي.جيئن پنھنجا ٻچڙا پالي سگھان.
0 Response to "خانپورمهر جو پورهيت ڪمال ماڇي خطرناڪ بيماري ۾ مبتلا khanpor mahir laar voice news"
Post a Comment