-->

Pop up

Ads display

سڪرنڊ ۽ آسپاس جي علائقن ۾ مڇرن جو آزار وڌي ويو،ماڻھن راتين جون راتيون جاڳڻ تي مجبور

سڪرنڊ ۽ آسپاس جي علائقن ۾ مڇرن جو آزار وڌي ويو،ماڻھن راتين جون راتيون جاڳڻ تي مجبور

  سڪرنڊ ۽ آسپاس جي علائقن ۾ مڇرن جو آزار وڌي ويو،ماڻھن راتين جون راتيون جاڳڻ تي مجبور

رپورٽ : راج ڪماراوڏ

سڪرنڊ ۽ آسپاس جي علائقن ۾ مڇرن جو آزار وڌي ويو،ماڻھن راتين جون راتيون جاڳڻ تي مجبور، ڪالونين ۾ مڇرمار اسپري نه ٿيڻ تي مختلف بيمارين منهن ڪڍيو آهي ڪيترن ئي علائقين جا مرد، عورتون ۽ ٻارڙا ڪيترن ئي بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آھن   انتظاميه اکين تي پٽيون ٻڌي ستي پئي آھي. سڪرنڊ  جي مختلف ڪالونين جنهن ۾ عظيم ڪالوني سچل ڪالوني بخاري محلا ڊاڪٽر ڪالوني زئونر ڪالوني اسٽيشن روڊ مهراڻ ڪالوني  سميت ٻين ڪالونين  جي رھواسين ۽ اتان جي سياسي سماجي ماڻهوَن  جنهن ۾  مير محمد حسيني  عبدالرحيم جمالي سهيل چانڊيو سميت ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته انتظاميه جي نااهلي جي ڪري علائقن ۾ مڇرن جي واڌ سبب مليريا ۽ ٻين مختلف بيمارين منهن ڪڍيو آھي ننڍا وڏا توڙي ٻارڙا مليريا ۽ ٻين  موزي مرضن ۾ وڪوڙجي ويا آھن مڇرن جو آزار وڌي وڃڻ جي ڪري ماڻھون راتين جون راتون جاڳڻ تي مجبور ٿي ويا  آھن. مڇر مار اسپري لاءِ ايندڙ لکين روپيه خبر ناهي ڪنهن جي کيسي ۾ وڃن ٿا . تعلقي سڪرنڊ  ۽ ڀرپاسي  جي ڪالونين ڳوٺين جو ڪو به ڌڻي سائين ناهي هتان جا اڳواڻ سڀ پنهنجا پيٽ ڀرڻ ۾ پورا آهن اسان ڊي سي شھيڊ بينظير آباد  کان مطالبو ڪريون ٿا ته نوٽيس وٺي شھر ۽ ڳوٺن ۾ مڇر مار اسپري  ڪرائي ، ڳوٺاڻن ۽ شھرين کي ٻين مختلف بيمارين کان بچايو وڃي..

0 Response to "سڪرنڊ ۽ آسپاس جي علائقن ۾ مڇرن جو آزار وڌي ويو،ماڻھن راتين جون راتيون جاڳڻ تي مجبور"

Post a Comment

Trending Posts Display

Discount Offer