-->

Pop up

Ads display

اسسٽنٽ ڪمشنر خانڳڙھ ماجد علي ماڪو مختلف هوٽلن ۽ فاسٽ فوڊ جي دوڪانن تي غير معياري تيل خلاف ڪاروائي ڪئي

اسسٽنٽ ڪمشنر خانڳڙھ ماجد علي ماڪو مختلف هوٽلن ۽ فاسٽ فوڊ جي دوڪانن تي غير معياري تيل خلاف ڪاروائي ڪئي

اسسٽنٽ ڪمشنر خانڳڙھ ماجد علي ماڪو مختلف هوٽلن ۽ فاسٽ فوڊ جي دوڪانن تي غير معياري تيل خلاف ڪاروائي ڪئي 



رپورٽ ميرمنٺارچنه خانپورمهر 
۾ عوامي شڪايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر خانڳڙھ ماجد علي ماڪو ٽائون ڪاميٽي جي عملي کي ساڻ ڪري شهر ۾ پهچي ويو جنهن خانپورمهر شهر جي مختلف هوٽلن توڙي فاسٽ فوڊ جي دوڪانن تي استمعال ٿيندڙ کليل ۽ غير معياري تيل جا ڊرم هٿ ڪري تيل کي اتي ئي هارائي ضايع ڪري ڇڏيو جنهن بعد هن غير معياري تيل وڪرو ڪندڙ ڊيلر جي دوڪان تي پهچي سمورو تيل هٿ ڪرڻ بعد ضايع ڪندي کيس وارننگ ڏني ته اگر ٻيهر اهو تيل وڪرو ڪيو ويو ته سندس خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي، ان کان علاوه اي سي خانڳڙھ ماجد ماڪو عوامي شڪايتن تي خانپورمهر جي بيڪرين، ڪريانه جي دوڪانن، سبزي توڙي فروٽ جي ريڙهن، کير ۽ ڀاڻ جي دوڪانن تي ڇاپا هڻي اگھ چيڪ ڪيا ۽ کين تنبيه ڪندي آخري وارننگ ڏني ته هٿرادو اگھ وٺڻ جي هاڻ شڪايت ملي ته ڀرپور ڪاروائي ڪئي ويندي،جڏهن ته اي سي شهر ۾ صفائي سٿرائي جو جائزو پڻ ورتو، هوڏانهن اسسٽنٽ ڪمشنر ماجد علي ماڪو ڪاروائين دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته خانپورمهر شهر ۾ عوامي شڪايتون ملڻ بعد ڪاروايون ڪيون آهن هن ٻڌايو ته خانپورمهر ۾ غير معياري تيل جو وڪرو ٿي رهيو هيو جنهن کي روڪڻ لاءِ ڪاروائي ڪندي ڪيترو ئي غير معياري تيل هٿ ڪري ضايع ڪرائي ڇڏيو آهي ان کان علاوه شهر ۾ وڌيڪ اگھ وٺندڙن کي به آخري وارننگ ڏني آهي هن چيو ته منهنجي هوندي خانپورمهر شهر ۾ ڪنهن کي به غير معياري شيون وڪرو ڪرڻ جي اجازت به هوندي هاڻ جنهن خلاف به شڪايت ملي ان جو دوڪان سيل ڪري مٿس ڪيس داخل ڪرايو ويندو، هن چيو ته شهر ۾ ٽائون جو عملو صفائي سٿرائي جو نظام بهتر ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيو آهي، اي سي خانڳڙھ ماجد ماڪو وڌيڪ ٻڌايو ته خانپورمهر ۾ پبلڪ لائبرري توڙي پبلڪ پارڪ جو جلد ڪم مڪمل ڪرائي کين عوام لاءِ فعال ڪيو ويندو.

0 Response to "اسسٽنٽ ڪمشنر خانڳڙھ ماجد علي ماڪو مختلف هوٽلن ۽ فاسٽ فوڊ جي دوڪانن تي غير معياري تيل خلاف ڪاروائي ڪئي"

Post a Comment

Trending Posts Display

Discount Offer