سڪرنڊ ۾ مهانگائي بدامني،ملاوٽ ۽ بيرزگاري خلاف سنڌ قومي محاز آرگنائيزر شعبان ماٽي ، ڊپٽي آرگنائيزر امداد لغاري جي هنگامي پريس ڪانفرنس
سڪرنڊ ۾ مهانگائي بدامني،ملاوٽ ۽ بيرزگاري خلاف سنڌ قومي محاز آرگنائيزر شعبان ماٽي ، ڊپٽي آرگنائيزر امداد لغاري جي هنگامي پريس ڪانفرنس
سڪرنڊ ( رپورٽ راج ڪماراوڏ)
مهانگائي ، بدامني ، ملاوٽ ۽ بيرزگاري خلاف جيئي سنڌ قومي محاذ ضلعي نوابشاُھ پاران چيف آرگنائيزر شعبان ماٽي ، ڊپٽي آرگنائيزر امداد لغاري ، آرگنائيزر مسعود شاھ ۽ سٽي اڳواڻ علڻ سنڌي چانڊيا هائوس سڪرنڊ تي هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌ جيڪا اڳيئي مسئلن جي ور چڙهيل آهي اتي هٿرادو مسئلا پيدا ڪري سنڌ کي پوئتي ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي هنن چيو ته لاقانونيت جيڪا سنڌ لاءِ ناوسور بنجندي وڃي ان جي روڪٿام لاءِ ڪي به جوڳا اپاءُ نه ورتا ويا آهن نتيجي ۾ سنڌ اندر خاص ڪري صحت جي حوالي سان کوڙ سارا سوال اڀرن ٿا جنهن ۾ صحت کاتي ۽ خوراڪ کاتي جي لاپرواهي سبب فارمي ڪڪڙن ، کنڀن ، آنڊن ۽ ڪچري مان کائڻ وارو تيل تيار ڪيو پيو وڃي جيڪو سراسر انساني صحت لاءِ ھاڃيڪار آھي پر مٿين ادارن جي آشيرواد تي ڪارخانه قائم ڪيا ويا آهن جنهن سان ڪيتريون فوتگيون پڻ ٿي چڪيون آهي ۽ ڪيترائي ٻار عورتون توڙي مرد ناقص تيل استعمال سبب بيمارين جي بستري تي آهن اسين لاڳاپيل ادارن کي اپيل ٿا ڪريون ته اهڙي قسم جي ڪارخانن توڙي تيل ٺاهيندڙ ڪمپنين خلاف فورن قدم کنيو وڃي ٻي صورت ۾ 10 اپريل تي نوابشاھ پريس ڪلب آڏو سخت احتجاج ڪيو ويندو
0 Response to "سڪرنڊ ۾ مهانگائي بدامني،ملاوٽ ۽ بيرزگاري خلاف سنڌ قومي محاز آرگنائيزر شعبان ماٽي ، ڊپٽي آرگنائيزر امداد لغاري جي هنگامي پريس ڪانفرنس"
Post a Comment