خانپورمهر زمين تي مبينا قبضي ۽ڪوڙي کاتي ڪرائڻ خلاف ڳوٺاڻي جو پريس ڪلب خانپور مهر پهچي احتجاج ڪيو
خانپورمهر زمين تي مبينا قبضي ۽ڪوڙي کاتي ڪرائڻ خلاف ڳوٺاڻي جو پريس ڪلب خانپور مهر پهچي احتجاج ڪيو
خانپورمهر (رپورٽ ميرمنٺارچنه )
خانپورمهر لڳ زمين تي مبينا قبضي ۽ڪوڙي کاتي ڪرائڻ جو ڳوٺاڻن جو احتجاج. انصاف جي گهر. خبر موجب خانپورمهر لڳ ڳوٺ ڪنڊو تلاءُ جي رهواسي مائي گل خاتون ڌي صادق گڏاڻي پنهنجي پٽ فدا حسين گڏاڻي سان گڏ پريس ڪلب خانپور مهر پهچي احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته ته ديهه عالم خان گڏاڻي چڪ 68 ۾ قبولي ٽه جريب 10 گهنٽا زمين آهي جيڪو زمين منهنجي پيءَ صادق گڏاڻي جي نالو هئي جنهن بعد منهنجي پيءَ صادق گڏاڻي جي وفات کان پوءِ ڄاڻايل زمين جو ڪوڙو کاتو عبدالرحمان گڏاڻي ڪرايو هيو. هاڻي ڄاڻايل زمين تي عبدالرحمان گڏاڻي جي پٽ الهه بخش گڏاڻي. ۽ عبدالرسول گڏاڻي. فوجي ڇٽل گڏاڻي ۽ ٻيا زمين تي قبضو ڪري ورتو آهي ۽ اهڙو ڪيس جي درخواست اي سي ميرپور ماٿيلو وٽ پڻ ڏني آهي هنن چيو ته اسان مسڪين ماڻهو آهيون جوابدار الهه بخش گڏاڻي. عبدالرسول گڏاڻي ۽ فوجي ڇٽل گڏاڻي اسان جي خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي زمين ڦٻائڻ چاهين ٿا اسان کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هنن چيو ڊي سي گهوٽڪي ۽ايس ايس پي گھوٽڪي معاملي جو نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي ۽ زمين تان قبضو ختم ڪرائي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي
0 Response to " خانپورمهر زمين تي مبينا قبضي ۽ڪوڙي کاتي ڪرائڻ خلاف ڳوٺاڻي جو پريس ڪلب خانپور مهر پهچي احتجاج ڪيو"
Post a Comment