ايل بي اوڊي جي قدرتي وھڪرن تي قبضا ۽ کاٽي نه ٿيڻ خلاف آبادگارن ھارين پاران پنگريو جھڏو روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو
ايل بي اوڊي جي قدرتي وھڪرن تي قبضا ٿيڻ ۽ ويھن سالن کان کاٽي نه ٿيڻ خلاف علائقي جي آبادگارن ھارين مقامي ڳوٺاڻن پاران احتجاجي ريلي ڪڊي پنگريو جھڏو روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو آهي ڌرڻي سبب روڊ بلاڪ ٿي ويو ٽريفڪ معطل ٿي وئي
اڳواڻن حاجي علي دلواڻي امتياز ملڪاڻي سيد امان الله شاهه شفيح ملڪاڻي ۽ ٻين لاڙ وائيس نيوز کي ٻڌايو ته اسان جي علائقي
رپورٽ ارشد علي هنڱورجو ملڪاڻي شريف
مان گذرندڙ ايل بي اوڊي ۽ پراڻ ندي جي ويھن سالن کان کاٽي نه ٿيڻ ڪري پيٽ ۾ جھنگ وڌي ويو آهي قدرتي وھڪرن تي ماڻهن قبضا ڪري پوري ختم ڪري زمينون آباد ڪري ڇڏيون آهن جنهن ڪري ھرسال برساتن ۾ اسان جي علائقي کي اھا ايل بي اوڊي سم نالي ٻوڙي تباهه ڪري ٿي تازو پنج مھينا اڳ به انهيَ ايل بي اوڊي کي مختلف ھنڌن تان گھارا پيا ھئا جنهن اسان جا ڪچا گھر ختم ڪري ڊاھي اسان جا پوکيل فصل به لوڙهي ڇڏيا ھئا پر اڃان تائين اسان متاثرن کي رليف ڏيڻ ته پري پر ايل بي اوڊي جي کاٽي ۽ بندن جي مرمت به نه ڪئي وئي آهي وري به ايندڙ برساتن جي موسم ۾ اسان کي جاني توڙي مالي نقصان ٿيڻ جو خطرو آهي اڳواڻن چيو ته سنڌ حڪومت ساليانو بجيٽ ۾ ڪروڙين رپيا انهيَ بندن ۽ سم نالن جي نالن جي مرمت جا منظور ته ڪري ٿي پر خبر ناهي ڪنهن جي ور چڙهي وڃن ٿا جنهن ڪري اسان کي اھا خوني ايل بي اوڊي ٻوڙيندي رھي ٿي آبادگارن علائقي علائقي واسين سنڌ حڪومت ۽ آبپاشي کاتي جي وزير کان مطالبو ڪيو ته ايل بي اوڊي سم نالي جي کاٽي ڪرائي قدرتي وھڪرن تي قبضا ختم ڪري تباھڪارين کان بچايو وڃي
0 Response to "ايل بي اوڊي جي قدرتي وھڪرن تي قبضا ۽ کاٽي نه ٿيڻ خلاف آبادگارن ھارين پاران پنگريو جھڏو روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو"
Post a Comment