-->

Pop up

Ads display

شهيد ڀٽو جو اڳواڻ شهيد اسلم ڀاڻوجو جي 30 هين ورسي جي تقريب سڪرنڊ ۾ ٿي گذري. اڳواڻن پاران کيس لفظن جي ڀيٽا پيش

شهيد ڀٽو جو اڳواڻ شهيد اسلم ڀاڻوجو جي 30 هين ورسي جي تقريب سڪرنڊ ۾ ٿي گذري. اڳواڻن پاران کيس لفظن جي ڀيٽا پيش

 شهيد ڀٽو جو اڳواڻ شهيد اسلم ڀاڻوجو جي 30 هين ورسي جي تقريب سڪرنڊ ۾ ٿي گذري. اڳواڻن پاران کيس لفظن جي ڀيٽا پيش



سڪرنڊ رپورٽ راج ڪماراوڏ

پ پ شهيد ڀٽو جو اڳواڻ شهيد اسلم ڀاڻوجو جي 30 هين ورسي جي تقريب سڪرنڊ ۾ ٿي گذري. اڳواڻن پاران کيس لفظن جي ڀيٽا پيش. تقريب کي خطاب ڪندي پ پ شهيد ڀٽو جي صوبائي اڳواڻ قاضي ممتاز چيو ته شهيد اسلم ڀاڻوجو پاران پارٽي لاءِ ڏنل قربانيون وساريون نه ٿيون سگهجن. سنڌ ڌرتي جي ماڻهن قربانيون ڏيئي ڌرتي جو ڳاٽ اوچو ڪيو آهي. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو قومپرست هئا جن ڌرتي خاطر شهادت ماڻي. انهن خلاف اجائي واويلا بند ٿيڻ گهرجي. سنڌ جي ماڻهن هميشه پ پ پ کي ووٽ ڏنو پر اڄ سنڌ جو ماڻهو پيرين اگهاڙي ڪن تي ڪپڙو ناهي ، بکيو اڃايل گذاري پيو جيڪا افسوس جوڳي ڳالهه آهي. رحيم بخش کوسو چيو ته مرتضيٰ ڀٽو جي شهادت کان پوءِ سندس وني غنويٰ ڀٽو پنهنجي سڄي جواني پارٽي ۽ ملڪ لاءِ وقف ڪري ڇڏي. هينئر غنويٰ ڀٽو ۽ فاطمه ڀٽو خلاف ڪنهن به سازش کي ڪامياب ڪرڻ نه ڏنو ويندو. سندن قربانيون رائيگان نه وينديون. عورت اڳواڻ فيروزا لاشاري چيو ته اسان شهيد مرتضيٰ ڀٽو جو مشن پايه تڪميل تائين پهچائينداسون اسان کي فخر آهي ته اسان جي شهيدن پنهنجي ڌرتي لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪيا. هن سنڌ اندر غريب ماڻهن جا گهر ڊاهڻ واري عمل تي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کي اپيل ڪئي آهي


نوٽيس وٺي کين گهر بچايا وڃن. ان موقعي تي مجيد سيال ، لکاڏنو ڏاهري ، منظور جلباڻي ،ديدار ٻگهيو ، صالح چانڊيو ، ڪامريڊ انور عباسي ، غازي نجيب چانڊيو ، شوڪت ڀاڻوجو ۽ غلام محمد رند خطاب ڪيو. 

0 Response to "شهيد ڀٽو جو اڳواڻ شهيد اسلم ڀاڻوجو جي 30 هين ورسي جي تقريب سڪرنڊ ۾ ٿي گذري. اڳواڻن پاران کيس لفظن جي ڀيٽا پيش"

Post a Comment

Trending Posts Display

Discount Offer