عوام جي خدمت جاري رکنداسين نائب صدر رئيس محمد ابراهيم رند نيشنل پريس ڪلب مقصودورند جي سال2021جي چونڊيل عهديدارن کي ڏنل آجياڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي
Friday, February 12, 2021
Comment
عوام جي خدمت جاري رکنداسين نائب صدر رئيس محمد ابراهيم رند نيشنل پريس ڪلب مقصودورند جي سال2021جي چونڊيل عهديدارن کي ڏنل آجياڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو
مقصودورند رپورٽ ظھور حسين رند
پاڪستان پيپلزپارٽي جي پليٽ فارم تان عوام جي خدمت جاري رکنداسين ۽ اسان جي ڪوشش رهي آھي ته اسان سڀ پاڻ ۾ ٻڌي قرب ۽ محبتن جو ٻج ڇٽيون ۽ نفرتن کي هميشه لاء دفن ڪيون اهڙو اظھار پ پ پ تعلقه شھدادپور جي نائب صدر رئيس محمد ابراهيم رند نيشنل پريس ڪلب مقصودورند جي سال2021جي چونڊيل عهديدارن کي ڏنل آجياڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو هن وڌيڪ چيو ته وفاقي سرڪار جي غلط پاليسين ڪرپشن خراب حڪمراني ۽ مهانگائي سبب عوام ٻٽي عذاب ۾ آهي ان موقعي تي يوسي مراد علي رند جي سابق چيئرمين رئيس حاجي خان رند خطاب ڪندي چيو ته اسان شھيد محترمه بينظير ڀٽو جي فرزند بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ محترمه جي ڇڏيل مشن کي جاري رکنداسين ۽ عوام جي خدمت جاري رکنداسين هن وڌيڪ چيو ته نيشنل پريس ڪلب مقصودو رند جا صحافي جس لهن جيڪي پنهنجي سچائي ايمانداري سان فرض نڀائي رهيا آھن ۽ وقتن به وقتن شھر جي مئسلن کي اجارگر ڪري رهيا آھن جڏهن ته پ پ پ جي اڳواڻن رئيس محمد ابراهيم رند رئيس حاجي خان رند نيشنل پريس ڪلب مقصودو رند جي سال2021 جي چونڊيل عهديدارن سرپرست رحيم داد رند صدر خير محمد رند سينئر نائب صدر ڊاڪٽر اعجاز علي رند نائب صدر فيض محمد سومرو جنرل سيڪريٽري مير حسن رند جوائينٽ سيڪريٽري عابد حسين رند ذاڪر حسين رند ورڪنگ ڪميٽي جي چيئرمين ظھور حسين رند خزانچي شھبازعلي رند ڪي ڪي گجراتي کي اجرڪن جا تحفا پڻ ڏنا
0 Response to "عوام جي خدمت جاري رکنداسين نائب صدر رئيس محمد ابراهيم رند نيشنل پريس ڪلب مقصودورند جي سال2021جي چونڊيل عهديدارن کي ڏنل آجياڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي "
Post a Comment