-->

Pop up

Ads display

سنڌ اسٽاڪ اسسٽنٽ کي نوڪري نھ ملڻ خلاف احتجاج  Stock Assistant Pakistan news

سنڌ اسٽاڪ اسسٽنٽ کي نوڪري نھ ملڻ خلاف احتجاج Stock Assistant Pakistan news

 

سڪرنڊ  رپورٽ : راج ڪماراوڏ

  سنڌ حڪومت پاران لائيو اسٽاڪ کاتي ۾ خالي پيل پوسٽن تي نيون ڀرتيون  نه ڪرڻ خلاف سنڌ اسٽاڪ اسسٽنٽ اتحاد سڪرنڊ پاران قاضي سرفراز ميمڻ چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو . مظاهري جي اڳواڻي چيف آرگنائيزر ميرحسن سولنگي ، آرگنائيزر مختيار ڪيريو ۽ محمد حنيف جلالاڻي ڪري رهيا هئا . ان موقعي تي هنن  چيو ته لائيو اسٽاڪ کاتي مان 200 کان وڌيڪ ملازمن جي رٽائرمينٽ وٺڻ ۽ فوت ٿي وڃڻ سبب جايون خالي پيون آهن پر سنڌ حڪومت ۽ لاڳاپيل ڊپارٽمينٽ انهن خالي پيل جاين تي ڀرتي  ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي . سڄي سنڌ جا ڪيترائي ڪورس پاس ڪيل نوجوان بيروگار آهن ۽ نوڪرين جي آسري تي انهن جون عمريون وڌنديون پيون وڃن . هنن وزيراعلٰى سنڌ ۽ منسٽر لائيو اسٽاڪ کان مطالبو ڪندي چيو ته بيروزگار نوجوانن کي نوڪريون ڏئي انهن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي ۽ انهن جي ٻچن کي بکون ڪاٽڻ کان بچايو وڃي . احتجاج ۾ علي بخش لاکو ، سردار علي خاصخيلي ، عبدالحميد ڏاهري ،  صاحب خان رند ۽ ٻيا پڻ موجود هئا .

0 Response to "سنڌ اسٽاڪ اسسٽنٽ کي نوڪري نھ ملڻ خلاف احتجاج Stock Assistant Pakistan news "

Post a Comment

Trending Posts Display

Discount Offer