-->

Pop up

Ads display

دبئي ۾ دوست هٿان قتل ٿيل نوجوان جو مڙھ لاهور پهچڻ بعد ايمبولينس ذريعي ڳوٺ پھچي ويو

دبئي ۾ دوست هٿان قتل ٿيل نوجوان جو مڙھ لاهور پهچڻ بعد ايمبولينس ذريعي ڳوٺ پھچي ويو

 رپورٽ مير منٺار چنه خانپور مھر









 ڏينهن اڳ دبئي ۾ دوست هٿان بيدردي سان مبينا طور قتل ٿيل نوجوان جو مڙهه دوبئي کان لاهور پهچڻ بعد ايمبولينس ذريعي ڳوٺ آندو ويو، مقتول جو مڙهه ڳوٺ پهچڻ تي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. خبرموجب؛ 10 ڏينهن اڳ دبئي ۾ دوست هٿان بيدردي سان قتل ٿيل نوجوان آدم مهر جو لاش دبئي کان ڪارگو ذريعي لاهور آندو ويو جتان نوجوان آدم مهر جو مڙهه ايمبولينس ذريعي خانپور مهر لڳ ڳوٺ رسول بخش مهر آندو ويو، نوجوان جو مڙهه ڳوٺ پهچڻ تي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، وارثن موجب ته نوجوان جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد  نوجوان آدم مهر جو مڙهه مقامي قبرستان مٺڙي ۾ دفنايو ويو ، واضع رهي ته نوجوان آدم مهر کي 10 ڏينهن پهريان دبئي ۾ گڏ ڪم ڪندڙ سندس دوست اربيلو راڄڙي ڇرين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو هو دبئي پوليس جوبدار اربيلو راڄڙي کي گرفتار ڪري ورتو هو جيڪو هن ٽائيم دبئي پوليس جي حراست ۾ آهي.


.

0 Response to "دبئي ۾ دوست هٿان قتل ٿيل نوجوان جو مڙھ لاهور پهچڻ بعد ايمبولينس ذريعي ڳوٺ پھچي ويو"

Post a Comment

Trending Posts Display

Discount Offer