جھول ويجھو معصوم ٻارڙن تي رولو ڪتي جو حملو ٻار زخمي ٿي بيھوش ٿي وَيو اسپتال داخل .
جھول ويجھو يوسي ولي محمد ڪيريو ۾ راند ڪندڙ معصوم ٻارڙن تي رولو ڪتي حملو ڪري ھڪ ٻار کي ڏاڙهي وڌو ٻار زخمي ٿي بيھوش ٿي وَيو اسپتال ۾ ٻارجي ويڪسين ۽ مرھم پٽي ڪرائي وئي.
رپورٽ شيوارام سکاڻي
جھول ويجھو ڳوٺ حاجي مير حسن ڪيريو ۾ ڳوٺ جا ٻار راند کيڏي رھيا ھئا تہ ھڪ رولو ڪتي ٻارن تي حملو ڪيو جنھن تي ٻيا ٻار ڀڄي ويا ھڪ ٻار اٺن ورهين جو ٻئين ڪلاس جو شاگرد وجي ڪمار پٽ ڪبير مل ميگھواڙ کي ڪتي ڏاڙهي سخت زخمي ڪري وڌو ۽ نينگر بيھوش ٿي ويو جنھن کي وارثن علاج لاء رورل هيلٿ سينٽر جھول آندو جتي ڊاڪٽرن ڪتي ڏاڙھيل نينگر کي ويڪسين ڪري مرھم پٽي ڪئي جڏھن ان حوالي سان ڪتي ڏاڙھيل زخمي نينگر جي والد ڪبير ميگھواڙ سان رابطو ڪيو ويو جنھن تي ھن ٻڌايو تہ سندن ڳوٺ وٽ ۽ آسپاس جي ڳوٺن ۾ رولو ڪتن جو آزار آهي جن کي مارائڻ لاءِ انھن يونين ڪاؤنسل ولي محمد ڪيريو جي آفيس ۾ ھڪ مھينو اڳ درخواست ڏني هئي پر خبر ناھي ڪتن کي ڇو نہ مارايو ويو ، ان حوالي سان ڪتن جي وڌيل آزار ڪتن کي نہ مارائڻ بابت يونين ڪاؤنسل ولي محمد ڪيريو جي سيڪريٽري سان رابطو ڪيو ويو پر ھن سندو موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو
0 Response to "جھول ويجھو معصوم ٻارڙن تي رولو ڪتي جو حملو ٻار زخمي ٿي بيھوش ٿي وَيو اسپتال داخل ."
Post a Comment