پليجي صاحب طرفان 1983 ۾ جيل مان پارٽي ڪارڪنن کي لکيل خط سڀني سنڌين کي پڙهڻ گهرجي
پليجي صاحب طرفان 1983 ۾ جيل مان پارٽي ڪارڪنن کي لکيل خط سڀني سنڌي کي پڙهڻ گهرجي
ڪجھ وقت هڪ ٻئي کان ڌار رهيا آهيون ۽ هڪ ٻئي سان حال احوال ڪري نه سگهيا آهيون. پر اهي جدايون، فاصلا ۽ ڪوٽ ڪڙا پاڻ کي نه اڳ ڪڏهن صفا ڇني ڌار ڪري سگهيا آهن. نه هاڻ ئي ڪري سگهيا آهن. پاڻ دلين ۽ ذهنن ۾ هر وقت هڪ ٻئي جي اکين اڳيان آهيون. ”جي چڻڪن چت ۾، سي ڪيئن سڄڻ ڏور“، ساڳئي عظيم ترين مقدس مقصد رشتي جا بيشمار ڌاڳا جيڪي پاڻ کي هڪ ٻئي سان جڙيو ۽ جڪڙيو ويٺا آهن تن کي ان مقصد جا دشمن ڪڏهن به ٽوڙي نه سگهندا. پنهنجي دلين ۾ حق
صداقت جي جيڪا روشني روشن آهن، ان کي ڪو به طوفان وسائي نه سگهيو آهي ۽ نه ڪڏهن به وسائي سگهندو.
آئون سدائين توهان سڀني بابت ۽ پنهنجي مسئلن، مشڪلاتن ۽ انهن جي حلن بابت ويچار ڪندو رهندو آهيان
مونکي خبر آهي ته اوهان وس پڄندي ٽانڊو وسامڻ ڏيڻ وارا جوان ڪو نه آهيو. ضرور مڙس ماڻهو ٿيو مچايو ويٺا هوندا، پر ماڻهوءَ کان پنهنجي گهر جو حال سئو ڪوهن تان به ساريو پيو هوندو. پنهنجي گهر ۾ گهڻين خوبين سان گڏ ڪي اوڻايون به هيون. مونکي ڊپ آهي ته اهي اڃان پاڻ مان صفا ڪونه نڪتيون هونديون. ان ڪري مونکي گهرو ڪم ڪار بابت دل ۾ ڪي انديشا به رهن ٿا. ڀانيان ته انهن ۾ اوهان کي به ڀائيوار ڪريان.
پاڻ سڀني کي چڱي طرح خبر آهي ته گهرن جا ڪم تڏهن هلندا جڏهن گهر جا سڀ ڀاتي هٿ هٿ ڪندا. تاڙي به هڪڙي هٿ سان وڄيو نٿي سگهي. هي ته هيڏا جبل جيڏا ڪم آهن.
انسان ۽ جانور ۾ بنيادي فرق اهو آهي ته جانور پنهنجي دليان ڪم ڪري نٿو سگهي، انسان ڪري ٿو. جيسين انسان ڪم ڪرڻ نه سکيو هو، تيسين هو جانور هو. ڪم جي وسيلي ئي هو آهستي آهستي جانور مان ڦري انسان ٿيو. ”ويٺي شينهن به بک مرن، هلندڙ گدڙ ڍئين“. ڪم ته ماڻهن جي گذران، عزت ۽ نيڪي جو وسيلو آهي پر ڦورو نظامن خاص ڪري غلامدار ۽ جاگيردار نظامن ڪم کي عام ماڻهن لاءِ ڦيرائي هڪڙي چٽي ۽ بيگار بڻائي پئي رکيو آهي. جنهن کان جيڪو ڀڳو سو ڇٽو. ظاهر آهي ته ڪم کان ڀڄڻ ۽ نٽائڻ جو رويو هر حالت ۾ صحيح ٿي نٿو سگهي، جڏهن ناجائز چٽيءَ کان ڀڄي جند ڇڏائڻ فرض آهي. تڏهن پنهنجي ذاتي ۽ گڏيل فائدي جي ضروري ڪمن کان نٽائڻ ۽ ڀڄڻ ڏوھ آهي. پنهنجو به ته ماڻهن جو به.
گذريل ٻن ٽن صدين کان تاريخي، جاگرافيائي ۽ سماجي حالتن اسان کي هڪڙي ڪم چور قوم بڻائي وڌو آهي. ڏٺو ويو آهي ته هن ملڪ ۾ ئي ٻين قومن جا ماڻهو گهر ۾ ڏھ ڀاتي هوندا ته ڏھ ئي ڪو نه ڪو ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا. ڪيترا ماڻهو اهڙا آهن جيڪي پنهنجي پتيءَ جي ڪم کان سواءِ ٻيا ڪم به ڳولهي هٿ ڪري ڪندا. نوڪري هوندين ته رات لاءِ به نوڪري هٿ ڪندا. ننڍي وڏي زال مڙس کي ڪم سان لڳائيندا.
پر اسان وٽ ڪم کي اڪثر گهٽتائي ۽ ڪم نه ڪرڻ کي وڏي عزت جي ڳالھ سمجهيو ويندو آهي. ڪيترا ماڻهو وڏي فخر سان چوندا آهن ته اسين ڪو به ڪم ڪو نه ڪريون! جي گهر جو هڪڙو ڀاتي ڪنهن چڱيرڙي نوڪري يا ڌنڌي سان لڳل هوندو ته گهر جا ٻيا ڪيترا ڀاتي ڪوشش ڪري ڪم کان نٽائيندا ۽ ان هڪڙي جي کنڌي اٽو ٻڌي ويهي رهندا. نه رڳو مفت ۾ کائيندا ۽ ٻٽاڪون هڻندا پر واندڪائيءَ جي وندر لاءِ اوڙي پاڙي ۾ اهڙا ڦڏا فساد کڙا ڪندا جو اهو هڪڙو ڪمائيندڙ ۽ ٿوري گهڻي عزت ۽ اثر رسوخ وارو ڀاتي ته ٺهيو اهڙا ڏھ ٻيا هجن ته به انهن ڦڏن فسادن جو بُر ڀري نه سگهن.
اسان ماڻهن مان جيڪي ڪو ڪم ڪن ٿا تن مان به گهڻا پنهنجين سمورين ڳجهين پڌرين صلاحيتن کان پورو پورو ڪم وٺي ٽيهن نسن جو زور ڏيئي دل جان سان ڪم ڪرڻ بدران رڳو وقت ٽپائيندا ۽ آگ لاهيندا آهن. ان ڪري هن دور ۾ اسين دنيا جي ”مڙئي ٽيم پاس ڪندڙ“ ڄٽ قومن منجھ شمار ٿيون ٿا.
اسان جي ان قومي اوگڻ کي ڏيڍ سئو سال اڳ سرچارلس نيپئر به نوٽ ڪري ويو آهي ته پويان ايندڙ ٻين غيرملڪي مبصرن جهڙوڪ ڊاڪٽر سورلي وغيره به نوٽ ڪيو آهي. ان قومي اوگڻ جو اسان جي گهرو ڪم ڪار تي تمام برو اثر پيو آهي.
اسان مان جيڪي گهر جا ڀاتي پهرين ڀلا ڪم ڪري پوءِ ويهي رهيا آهن يا آڪڙ، معتبري ۽ ٻين غلط لاڙن جو شڪار ٿي نڪري ويا آهن تن جي ويهي رهڻ يا خراب ٿيڻ جو ٻين ڳالهين سان گڏ هڪڙو بنيادي سبب اهو به آهي جو اسين سمورا گهر جا ڀاتي پنهنجي پنهنجي پتيءَ جو گهرو ڪم نٿا ڪريون.
اسان وٽ ڪي ٿورڙا ماڻهو ڪجھ ڪم ڪن ٿا ٻيا اسين پنهنجو ڪم فقط ايترو سمجهون ٿا ته تماشبين وانگر ويٺا مشاهدو ڏسون. جي گهرو ڪم ۾ واڌارو اچي ته پنهنجي گهر ۾ ويهي خوش ٿيون ۽ شاباس ڏيون ۽ جي گهٽتائي ٿئي ته افسوس ڪريون ۽ ملامت ڪريون. ”ويٺي گهر گهوري مٿان پرينءَ جندڙي“.
هر ڦار ۾ جي هڪڙو ڍڳو گِھَ ٿو ڪري ته ٻيو ٽٽيو پئي. اسان جي ڪم ۾ به ايئن آهي. جڏهن سڄي گهرو ڪم جو بار جيڪڏهن ڪن اڱرين تي ڳڻڻ جيترن ڀاتين تي پوندو ته پوءِ اهي ٽٽي نه پوندا ته ڇا ٿيندا؟ ڏهن جا ڪم هڪڙي تي ڪري پوندا ته پوءِ اهو جيترا ڏينهن پيو ڊوڙندو ۽ اول پتڻ ٿيندو اوترا ڏينهن ايئن ڇو نه پيو سوچيندو ته هن گهر ۾ ڪم جو ماڻهو آهيان ئي آئون، ٻيو سڄو گهر نڪمن، ڪوڙن ۽ مفت خور ماڻهن جو آهي. اهڙي حالت ۾، جي هو بيزار بيزار، چڙ چڙيو ۽ تنگ ٿي پئي ۽ ڪنهن سان سنئون منهن ڏيئي ڳالهائي نه سگهي. جي هن جي دل ۾ ڦڙو ڦڙو ڪري سڄي گهر جي ماڻهن لاءِ، سڄي گهر جي لاءِ زهر ڀرجي وڃي ۽ جي هو پاڻ تي حد کان وڌيڪ فخر ۽ غرور ڪرڻ لڳي ته ان ۾ ڪهڙو عجب ۽ ان لاءِ ظاهري طرح هن تي ڪهڙي ميار!.
دنيا ۾ ائين ٿي ئي نٿو سگهي ته ڪو عمل ڪجي يا نه ڪجي. ان جو ڪو به نتيجو ئي نه نڪري، ڪو اثر ئي نه ٿئي. سڌو يا اڻسڌو، دير يا سوير، ظاهري طرح يا ڳجهي نموني، هر ڳالھ جو سٺو يا برو اثر ضرور ٿيڻو آهي. ڪو نه ڪو چڱو يا مَندو نتيجو نڪرڻو آهي. پنهنجي پتيءَ جي ڪم نه ڪرڻ بابت جڏهن اسان کي يادگيري ايندي آهي ۽ اسان جو ضمير اسان کي ملامت ڪندو آهي تڏهن اسين ايئين سوچي پاڻ کي ۽ پنهنجي ضمير کي تسلي ڏيندا آهيون ته ڪم ته خراب ٿيو، پر شڪر جو هيترا سارا ٻيا مڙس ويٺا آهن، مون هڪڙي جي کڻي ٻه ٽي ڏينهن سستي ڪئي ته اهڙي آئي ويئي ڪانهي. ڪم خدا جي فضل سان بيٺو ڪونهي. اڀرو سڀرو پيو هلي، پر اسان جي اها ڀل آهي. انسان جي پتيءَ جي ڪم جي کوٽ پنهنجي اثر ڏيکارڻ بنا رهي ئي نٿي سگهي. فلحال ڪير لَکي نه لَکي، سمجهي نه سمجهي، هائي گهوڙا ٿئي نه ٿئي، پر اها کوٽ ڪٿي نه ڪٿي، ڪنهن نه ڪنهن نموني، گهر کي نقصان پئي پهچائي. اسان کي ڏسي ٻيا به ايئن پيا ڪن ۽ ڪم چوري هڪڙي وبا وانگر سڄي گهر کي وڪوڙيو ويٺي آهي. انگريز ٽوڪ طور چوندا آهن ته ”بي خبري وڏي نعمت آهي“، واقعي جيڪڏهن اسان کي سموري حقيقت جي خبر پئجي وڃي ته اسان مان هڪڙي هڪڙي جي سستي، لاپرواهي ۽ غفلت جي گڏيل نتيجي طور، اسان جي گهر جا ڪهڙا ڪهڙا ضروري ڪم رهجي ويا آهن، اسان جي واڌاري جي رفتار حسابي حساب جيتري هجڻ گهرجي، ان جي ڀيٽ ۾ ڪيڏي سست رهجي ويئي آهي. اسان جي واڌاري جي هن ڏاڪي جي مڪمل ٿيڻ ۽ نئين ڏاڪي جي شروع ٿيڻ ۾ ڪيڏي دير ٿي ويئي. ان ڪري اسين واڌاري جا ڪهڙا ڪهڙا نوان موقعا هٿان وڃائي ويٺاسون ۽ اسان جو هڪ جيڏن ۾ مان ۽ وقار ڪيترو متاثر ٿيو؟ ته جيڪر، اسين پاڻ کي اهو ڏوھ بخش ئي نه ڪري سگهون.
جڏهن اسين سکڻا واندا ويٺا هجون يا رڳو پنهنجي ذاتي ۽ خانداني پٽ کوھ ۾ پورا هجون تڏهن اسان کي پاڻ کي ياد ڏيارڻ گهرجي ته اسان جي پتيءَ جو گهرو ڪم ڪو نه پيو ٿئي، ۽ جي ان کي ڪرڻ جي ڪوشش ٿئي پئي ته ڪو اهڙو ٻيو ڀاتي ان کي ڪرڻ جي ڪوشش پيو ڪري جيڪو اهڙن واڌو بوجن جي ڪري ٿي سگهي ٿو ته اڄ، نه ته سڀان، سڀان نه ته پرين ٽٽي ڪرڻ وارو هجي يا رڙيون ڪري گهر ڇڏڻ وارو هجي.
گهر جي جنهن به ڪام، (وچ واري ڪاٺي) داسي، پٽيءَ ۽ ڪاٺيءَ پنهنجي پتيءَ جو وزن نه کنيو ۽ اهو ٻين گهر جي ڪاٺين تي اڇلائي ڇڏي ڏنائين تنهن ڄڻ گهر کي ڊاهڻ جو ڏوھ ڪيو. ان کي پنهنجو پاڻ کي گهر جو ۽ قوم جو مجرم سمجهڻ گهرجي.
هڪڙو ماڻهو ڏهن ٻين کي کوٽي ڪري سگهي ٿو جنهن کي ٻج کڻي اچڻ لاءِ موڪليو وڃي سو جي واٽ ۾ ملاکڙو ڏسڻ بيهي رهيو ته هر به کوٽي، جوڙا به کوٽي ۽ هر واهڻ وارا ماڻهو به کوٽي. پريس کي مواد پهچائڻ واري مواد نه پهچايو ته ڪمپازيٽر به واندا ته مشين وارا به کوٽي ته ٻيو عملو به بيڪار. Letters of rasool bux palejo sahib
ڪيترا يار چئي سگهن ٿا ته اسان کي ته ڪو خاص ڪم مليل ئي ڪونهي. ڀلا جي اسين چرڻ کان چٽ هونداسين ۽ اڳ ڏنل ڪم دل جان سان ڪيو ئي نه هوندوسين ته اسان ۾ وڌيڪ ڪم جي ڪنهن کي ڪهڙي اميد هوندي، جو ٻيهر اسان کي ڪم لاءِ چوندو. هونئن به جي اسين پنهنجي دليان گهر جي فائدي لاءِ ڪرڻ جهڙا ڪم ڳولهينداسين ته هڪڙو ڇڏي هزار نڪري پوندا. اسان کي پنهنجي دليان ڪم ڪندي ڏسي ٻين جي دل به چوندي ته هائو ٻيلي! هن مڙس کي ٻيو به ڪو ڪم ڏجي!.
ننڍڙن ٻارن کان وٺي سوَ ورهين جي پوڙهي تائين، مرد توڙي عورت هر ڪو گهر جو ڀاتي ڪو نه ڪو نهايت ڪارائتو ڪم ڪري سگهي ٿو.
گهر جا ڪم رڳو ڳرن بنڊن کي کڻڻ جهڙا ڪو نه هوندا آهن. گهڻا ئي اهم ۽ ڪارائتا ڪم ٽانڊي ٻارڻ لاءِ سنهڙين ڪاٺين جون مٺيون ميڙڻ جهڙا سولا به هوندا آهن جن کي بنھ ڪمزور زالون، پوڙها ۽ ننڍا ٻار به ڪري سگهن ٿا. ڪي نهايت اهم ڪم ته بنھ بيمار ۽ کٽ داخل ماڻهن جي ڪرڻ جهڙا به هوندا آهن. مثال جي طور جي ڪنهن جي پيٽ ۾ چار اکر آهن، ته اهو جي کڻي جڏو به آهي ته به ٻين سوين اڻ پڙهيلن ننڍن کي سٺو ڪتاب پڙهي ٻڌائي سگهي ٿو. انڌو ماڻهو جي اندر جو سچو آهي ته مڙسي وڌائڻ واريون ڳالهيون ٻين کي ٻڌائي سگهي ٿو، ڪرڻ جهڙو هٿ جو ڪم ڪري سگهي ٿو ۽ سٺا سٺا ڪلام ڳائي ٻڌائي سگهي ٿو. ايئن ڪارائتن ڪمن جو ڪو اٿو مٿو ڪونهي. جيڪڏهن پراڻي ڪم چور، ڀاڙي ۽ نابين سوچ جي ٻر مان سسي ٻاهر ڪڍي دنيا تي چڱي طرح نظر وجهبي ته حيران ٿي وڃبو ته دنيا ۾ هيترا ۽ ههڙا قسمين قسمين ڪارائتا ڪم به پيا آهن جيڪي ڪو نه ڪو انسان ضرور ڪري سگهي ٿو!. درحقيقت دنيا ۾ هڪڙو به جيئرو انسان ڪونهي جيڪو جيسين نڙيءَ ۾ ساھ اٿس تيسين ڪهڙين به حالتن ۾ ٿورو يا گهڻو، وڏو يا ننڍو، رواجي يا غيرمعمولي ڪارائتو ڪم نه ڪري سگهي.
ڪو ماڻهو پاڻ کي ڪيڏو به ننهن کان چوٽي تائين ٻئي ڪم ۾ غرق سمجهي ۽ ڀلي کيس پنهنجي پر ۾ مٿي کنڻ جي به فرصت نه هجي پر جيڪڏهن هو واقعي چاهي ۽ گهربل رٿابندي ۽ ڪوشش ڪري ته هن کي ڪنهن نه ڪنهن ڪارائتي گهر جي ڪم لاءِ ڪجھ نه ڪجھ فرصت ضرور ملي سگهي ٿي. دنيا جي هڪڙي به انسان کي گهر جي ڪم لاءِ نڪمو ۽ نااهل ثابت ٿيڻ جو لاچار ڪونهي. هر انسان پاڻ کي قيمتي ۽ ڪارائتو ثابت ڪري سگهي ٿو. بشرطيڪ هو پنهنجي ظاهري توڙي دٻيل ۽ لڪل صلاحيتن کان پورو ڪم وٺڻ ۽ ڏاڪي به ڏاڪي پنهنجي ڪم جون صلاحيتون وڌائڻ لاءِ تيار ٿئي يا کيس تيار ڪري سگهجي ۽ کانئس صحيح نموني سان ڪرڻ جهڙو ڪم ورتو وڃي. جنهن به ڀاتيءَ کي ڪنهن به سبب جي ڪري پنهنجي پتيءَ جو ڪم مليل نه آهي تنهن کي واسطيدار ماڻهوءَ وٽ وڃي کانئس حڪمان حڪمي پنهنجي پتيءَ جو ڪم وٺي اچڻ گهرجي.
ڪو به ڪم ڪرڻ لاءِ دلي خواهش ۽ صلاحيتن سان گڏ ڪي نه ڪي وسيلا ۽ واندڪائي به کپي. ان ڪري لازمي آهي ته پنهنجي صلاحيتن، وسيلن ۽ وقت جو ڪجھ حصو اڳواٽ رٿا سان گهر جي ڪمن لاءِ پاڇي ڪيو وڃي. جي اسين پنهنجين سمورين صلاحيتن، سمورن وسيلن ۽ سموري وقت سميت گذران جي سلسلي ۾ ججهن جي مٽ ٿيڻ يا کانئن اڳرو ٿيڻ لاءِ ٻين کٽراڳن جي پٽ کوھ ۾ غرق ٿيا پيا هونداسين ته پوءِ ٻيا باقي گهرو ڪم ڪرڻ لاءِ صلاحيتون، وسيلا ۽ وقت ڪٿان آڻينداسين. ڇا اسان جي ذات ۽ اسان جي ڪٽنب جي واڌاري، عزت ۽ مان شان لاءِ اهي گهر جا گڏيل ڪم به لازمي نه آهن؟ دنيا جي روز مرھ جا کٽراڳ ڪڏهن کٽا آهن يا کٽڻ جا آهن؟ ذاتي گذران، خانداني ترقي ۽ ٻين ضرورتن کي به ڇيڪَ ڇڏي ڏبو ته ماڻهو ڏينهون ڏينهن تيهائين وڌيڪ ڌٻڻ ۾ ويندو گچندو.
Rasool bux pulejo
ان جو علاج اهو آهي ته دور انديشيءَ کان ڪم وٺي دل ڏاڍي ڪري ۽ رٿابنديءَ سان زندگيءَ کان پنهنجي ذاتي ۽ خانداني گذران، سک، بچاءُ ۽ نالي ناموس جون گُهرون گهٽايون ۽ اهڙي ريت پنهنجين صلاحيتن، وسيلن ۽ وقت مٿان انهن گُهرن جو بوجهو گهٽ ڪريون، پنهنجي ذاتي ۽ خانداني ضرورتن لاءِ ڪتب ايندڙ صلاحيتن، وسيلن ۽ وقت جو خرچ گهٽايون، ان ۾ ڪفايت ۽ بچت ڪريون. اهي بچتو صلاحيتون، وسيلا ۽ وقت پنهنجي اهم ۽ بنيادي گهرو ڪمن تي صرف ڪريون.
اسان کي پنهنجي جذباتي نابالغي جو مسئلو به حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. ماڻهوءَ جي جيئن جسماني عمر ٿئي ٿي تيئن ئي سندس ذهني ۽ جذباتي عمر به ٿئي ٿي، جيئن ماڻهو جسماني خيال کان ننڍڙو ٻار يا نابالغ ڇوڪرو، بالغ جوان ۽ پوڙهو ٿئي ٿو تيئن ذهني ۽ جذباتي طرح به انهن ڏاڪن مان لنگهي ٿو، ڪي ماڻهو ٽنهي ڳالهين ۾ ساڳئي عمر جا ٿين ٿا. اڪثر ماڻهن جون اهي ٽيئي عمريون ڌار ڌار هونديون آهن. ڪي ماڻهو جسماني طرح بالغ پر ذهني ۽ جذباتي طرح ٻار يا پوڙها هوندا آهن. ڪي ذهني طرح بالغ ۽ جسماني ۽ جذباتي طرح ٻار ۽ پوڙها هوندا آهن ۽ ڪي جذباتي طرح بالغ ۽ جسماني ۽ ذهني طرح پوڙها هوندا آهن. جيڪي ماڻهو ذهني ۽ جسماني طرح بالغ پر جذباتي طرح نابالغ هوندا آهن، تن ۾ ٻين نقصن سان گڏ هڪڙو نقص اهو هوندو آهي ته هو حد کان وڌيڪ نازڪ مزاج ۽ ڪمزور اعصابن وارا هوندا آهن ۽ حالتن جي ڪنهن وڏي تبديلي کي، جذباتي طرح منهن ڏيئي نه سگهندا آهن. هو هڪڙي جاءِکان ٻي جاءِ ڏانهن، هڪڙي مرتبي کان ٻئي درجي يا مرتبي ڏانهن، هڪڙي جذباتي ڪيفيت کان ٻي ڪيفيت ڏانهن، تبديل ٿيڻ جي حالت ۾ حد کان وڌيڪ حساس ٿي پنهنجو نفسياتي ۽ جذباتي توازن برقرار رکي نه سگهندا آهن. ڏک مان ڦري سک ٿيڻ يا سک مان ڦري ڏک ٿيڻ، ننڍي درجي مان وڏي درجي تي پهچڻ، وڏي مان ننڍي درجي تي لهڻ، پويان کان اڳتي وڌڻ ۽ اڳيان کان پوئتي هٽڻ جي حالت ۾ هو وڏو جذباتي دٻاءُ محسوس ڪندا آهن.
لطيف سائينءَ ان لاءِ ئي چيو آهي
سکين ٿي مَ سَنري، پسي ڏک م ڏر
هُن اها هدايت ان قسم جي جذباتي مسئلي جي حل لاءِ ڏني آهي. اڪثر ڏٺو ويو آهي ته آزاد ۽ خودمختيار قومن جا ماڻهو اڪثر جذباتي طرح بالغ ۽ غلام قومن جا ماڻهو غلامي خلاف جدوجهد ۾ اڳڀري ٿيڻ کان اڳ، اڪثر ڪري جذباتي طرح نابالغ ۽ ننڍڙي دل وارا هوندا آهن ۽ سنهي ٿلهي ڳالھ تي احساس ڪمتري ۾ مبتلا ٿي پوندا آهن. خاص ڪري عزت ۽ رتبي جي ڦيرگھير ۽ لاهي چاڙهي ۽ گهٽ وڌائي، جذباتي طرح کين ضربيو جڏو ڪريو وجهي. خالد بن وليد مسلمان فوجن جو ڪمانڊر انچيف هو. عرب رومي جنگ ۾ هڪڙي زبردست لڙائي هلندي، خليفي عمر بن رضيا جي حڪم تي کيس سندس عهدي تان برطرف ڪري پٽڪو ڳچيءَ ۾ وجهي، بي عزت ڪري قيد ڪيو ويو ۽ سندس ماتحت ابوعبيد بن جراح کي سندس جاءِ تي ڪمانڊرانچيف ڪيو ويو. خالد پنهنجي اڳوڻي ماتحت ابوعبيد کان موڪل وٺي هڪڙي عام سپاهيءَ جي حيثيت ۾ لڙائيءَ ۾ حصو ورتو ۽ وڏي سورهيائي ڏيکاريائين.
صدر ڪارٽر صدر ريگن هٿان چونڊن ۾ شڪست کائي کيس چارج ڏيئي ٻئي ڏينهن نئين صدر جي ماتحت ۽ نمائندي جي حيثيت ۾ ايران مان ڇٽل امريڪي قيدين جي آجيان لاءِ يورپ ويو.
صدر سادات جي جنازي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ اڳوڻا امريڪا جا صدر، صدر نڪسن صدر فورڊ ۽ صدر ڪارٽر صدر ريگن جا معمولي ايلچي بنجي قاهرا ويا. اهي ماڻهو جذباتي طرح بالغ هئا ۽ احساس ڪمتري کان بچيل هئا.
اسان وٽ ماڻهن لاءِ اڳتي جي پوزيشن کان پوئتي هٽڻ ۽ مٿين پوزيشن کان هيٺين پوزيشن وٺڻ، هڪڙو ناقابل برداشت جذباتي صدمو ٿئي ٿو. اسين ماڻهو اڳتي وڌي وري پوئتي هٽڻ، پويان هٽي وري اڳتي وڌڻ ۽ هيٺان مٿي وڃڻ، مٿي وڃي هيٺ اچڻ، هيٺ لهي وري مٿي چڙهڻ، انهن ڳالهين مان ڪو نه ڄاڻون. اسان جي سمجھ ۾ هڪڙو ڀيرو اڳتي وڌي وري پوئتي هٽيو يا مٿي وڃي وري هيٺ لٿو پوءِ وري اڳتي وڌڻ يا وري مٿي چڙهڻ جو سوال ئي نٿو پيدا ٿئي. نئين پوزيشن تي راضي رهڻ جي ڳالھ ئي ناقابل برداشت آهي. هڪڙو انچ به پوئٽي هٽڻ يا هيٺ لهڻ معنيٰ عزت آبرو هميشه لاءِ ختم ٿي ويو. هاڻي ان ڪم سان ڪو به واسطو رکڻ ٿيندو، پنهنجي رهيل کهيل عزت آبرو ختم ڪرڻ، تنهن ڪري عزت ان ۾ آهي ته ”ڇڏ منڊو واريءَ ۾، جوڳي رمتا ڀلا“. وري اُن پاسي منهن ئي نه ڪجي. اهڙي ريت اسان وٽ هٽڻ جو مطلب منظم نموني پوئتي هٽي وري اڳتي وڌڻ لاءِ تياري ڪرڻ نه پر بدحواسي وارو ٽاھ ۽ يڪي ڀاڄ آهي. ”ڀڄ چريا مست گڏيا اٿئي“. مڙس هٿن مان ويو. نه تو ڏٺو نه مون ڏٺو!
اسان جي گهر جا اهي باضمير ماڻهو جيڪي هينئر اهم يا اڳواڻي وارين ذميوارين سان لڳل ناهن، جيڪي هينئر ڪو به ڪم ڪو نه ٿا ڪن، جيڪي وڏا ۽ اهم ڪم ان ڪري نه ٿا ڪري سگهن جو کين ڪي مجبوريون آهن. اهي ٻيا ڪم ان ڪري نٿا ڪن جو اهي ننڍا ۽ خسيس آهن، تن کي جذباتي بلوغت ۽ بالغ نظري کان ڪم وٺي، ماتحتي واريون ننڍڙين ۾ ننڍڙيون، خسيس ۾ خسيس، ٽڪي ٽئين پئيسين واريون ذميواريون وٺي، اهي سهڻي نموني پوريون ڪري ٻين گهر جي ڀاتين لاءِ مثال قائم ڪرڻ گهرجي.
اسين پاڻ ۾ واڌاري آڻڻ جي مسئلي تي به پورو ڌيان نه ٿا ڏيون.
اسان کي محنت سان دل لڳائي پنهنجي ڪم ڪرڻ ۽ پنهنجي صلاحيتن کي پوري طرح ڪتب آڻڻ سان گڏ پنهنجي موجوده انفرادي ۽ گڏيل صلاحيتن ۾ واڌارا آڻڻ جون نيون نيون صلاحيتون حاصل ڪرڻ ۽ نوان نوان گڻ پرائڻ جي ۽ پنهنجي گهر کي مختلف ڏاڪا ٽپائيندو اڳتي ۽ اڃان به اڳتي وٺي هلڻ جي ضرورت آهي. اسين ٿورا ۽ ٻين جي ڀيٽ ۾ تمام پوئتي پيل ماڻهو آهيون. اسان جي ملڪ جون ٻيون قومون اسان کان جفاڪشي، سرفروشي ڪنهن نه ڪنهن قسم جي تنظيم، ويڙھ جي قوت، تجربي، تياري ۽ ٻين ڳالهين ۾ گهڻيون اڳڀريون آهن. هتي اسان کي هميشه پويان پڇ لٽڪائيندو اچڻو ناهي ۽ سدائين رڳو روئندو پچڪندو، گهوڙا گهوڙا ڪندو مٿو پٽيندو ۽ ٻين تي رڳا ڏک ڪندو رهي وڃڻو ناهي ۽ اسان پنهنجي پاڙيسرين مان جيڪڏهن سکون، ته نه رڳو انهن ڳالهين ۾ اسان ۽ اسان جي پاڙيسري قومن جي وچ ۾ جيڪا زبردست وٿي آهي سا گهٽ ٿي پوندي پر مجموعي برابري حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترن ڳالهين ۾ کانئن گوءِ به کڻڻي پوندي. اهو ڪم ٻين ڳالهين کان سواءِ جديد سائنسي طريقي جي رٿابندي، تياري ۽ عمل وسيلي نوان نوان گڻ ۽ نيون نيون صلاحيتون حاصل ڪرڻ ذريعي ئي ٿي سگهندو. اها ڳالھ نه رڳو لازم آهي پر بلڪل ممڪن آهي.
شيشا پاشا ۽ وارا ڄمارا آهن، نار جا لوٽا ڦرن پيا، ڪڏهن ڪهڙا هيٺ ڪڏهن ڪهڙا مٿي، اسان جو وارو اچڻ به لازمي آهي. رڳو ننڍ وڏائي يا اڳ پٺ جي ڳالھ ناهي. تاريخ ۾ ڪيئي ننڍڙا ڪوئا وڏن جا ڪن ڪتريو ويٺا آهن ۽ ٻيا اڃا ڪترين پيا. ڪڏهن مٽ ماٽي تان ۽ ڪڏهن ماٽي مٽ تان، ڪن کي اڳيان مينهن ڍئين، ڪن کي پويان. روس، چين، هندستان، ايران، جرمني، فرانس جهڙن وڏن ملڪن جي ڀيٽ ۾ يونان ڄڻ آڱر جيترو ننڍڙو ملڪ آهي پر پنهنجي سخت محنتي ۽ گوناگون صلاحيتن ۽ گڻن وارن هر فن مولا ماڻهن جي ڪري، ڪنهن زماني ۾ ان جي اڳيان ڪنهن جي چلي نه هئي. يونان يونان هو. لاجواب ۽ بيمثال وري ڌرتي ماءُ اهڙو پٽ نه ڄڻيو ته نه ڄڻيو. ويٽنامي قوم به دنيا جي وڏن قومن جي ڀيٽ ۾ ننڍي قوم آهي. فلسطيني ته مورڳو اسان جي پجئين يا ڇهين پتيءَ جيترا مس آهن. ڪل آبادي اٿن 30 لک کن. پر ويٽنام سان ڪير ٽڪر هڻي ۽ موجوده سموري افراتفري جي باوجود فلسطيني قوم ڪير سڏائي.
ماڻهو پاڻ کي ڪهڙو به تيس مار خان سمجهندو هجي، پر جي مڙسيءَ سان پاڻ کي نه بچائيندو ته پراڻي نظام جي صديون پراڻي سوچ جي گهيري ۾ گُهٽجي، اندران ئي اندران ختم ٿي سگهي ٿو. اسان کي پراڻي سوچ ۾ رهندي نئين سان پنهنجو لاڳاپو ۽ ڳانڍاپو اٺ ئي پهر قائم ۽ سلامت رکڻ گهرجي. اسين هڪڙي حد تائين پراڻي وڳ ۽ جڳ سان پراڻي وڳ ۽ جڳ جهڙو ٿي رهڻ تي مجبور هجون ته به اسان کي هينئين سان هُت رهي نئين وڳ ۽ نئين جڳ جا کٿوري ڏار چرڻ گهرجن.
وهي منجھ وڳ، کٿوري ڏار چري،
ماءُ! منهنجي ڪرهي،پڌر پڳ نه لڳ.
جڳ سين جهڙو جڳ، پرهيئين سين هت چري. (شاهه)
اسان کي پنهنجي نئين سوچ نئين ادب ۽ نئين تاريخ سان هر وقت لاڳاپو ۽ ڳانڍاپو قائم رکڻ ۾ ڪئين رڪاوٽون آهن. اسان وٽ گهربل گهڻو مواد انگريزي ۾ ملي ٿو. تمام ٿورڙو اردو ۽ ڪو قليل سنڌي ۾ اسان وٽ انگريزي پڙهڻ وارا آڱرين تي ڳڻڻ جيترا، سمجهڻ وارا تهائين گهٽ. اردو ڪتاب گهٽ. ان کي سمجهڻ وارا اسان ۾ ان کان به گهڻو گهٽ. سنڌي ڪتاب اٽي ۾ لوڻ برابر ۽ سي گهڻو ڪري سڀني جا پڙهي ڇڏيل. وڃجي ڪيڏانهن. ان جو جواب آهي ته انگريزي پڙهجي، جي ٻيا نه ته جيڪي انگريزي پڙهيل آهن ۽ هينئر انگريزي ۾ لکي لکانو پڙهي الهڏنو ٿيا ويٺا آهن. تن کي محنت ڪري ان ۾ قابل ڪار ٿيڻ گهرجي ۽ سمورا ڪتاب پڙهڻ چڱي طرح سمجهڻ ۽ سمجهائي سگهڻ جي لائق ٿيڻ گهرجي. اردو کي به نه ڇڏجي، ان تي به پورو پورو قبضو ڪجي. اردو ۾ به ڪيترائي اهڙا ڪارائتا ڪتاب پيا آهن جيڪي اسان مان گهڻن ته پڙهيا آهن ۽ ان سان گڏ ٿورو ٿورو ڪڙهيا به آهن، سي جي اجايا ڦڪا نه ٿين، همت ڪن، سخت پورهئي کان نه ڊڄن ۽ نه لهرائين ته ٻيا ته ٺهيو پر اردو جا موسيٰ سي مارڪس تڪ جهڙا وزندار ڪتاب به پڙهي سگهن ٿا. جنهن کي سمجھ ۾ نه اچي، سو ٻين کان پڇجي، پڇندو نه منجهندو. پڇڻ ۾ شرم ڪهڙو! سڄي ڳالھ ذري پرذي سمجھ ۾ نه اچي ته قربان ٿئي. جيڪي ڪن پڇ سمجھ ۾ اچي ويو سو سون ٿيو. وري ٻي ملھ ڪبي، ٻي پٺيان ٽين، ٽئين پٺيان چوٿين، ڇڏيون ڪي پرن. ڪتاب جا ڪن آهن، جو پاڻ هڻي، هڻي نيٺ ان کي نه سمجهي وڃون. هونئن به پاڻ ڪهڙا ٽڪا خرچ ڪيا آهن. ٿورو ٿورو ئي صحيح. ”جي ماسو ملئي مال، ته پوڄارا پر ٿيئين“. جن کي اردو اچي ٿي سي مٿو هڻندا، لاهي پاهي لڳندا ته فلسفي، اقتصاديات ۽ سياست بابت اردو ۾ ڪجھ اعليٰ درجي جا ڪتاب سٺي نموني پڙهي ۽ سمجهي ويندا. ٿورو ٿڪو ڪم جو ادب پيو ڳولهبو ته ڳچ لڀي پوندو. خود جيڪي سٺا اردو سنڌي ڪتاب يا ناول وغيره اسان اڳ ۾ ئي پڙهي ڇڏيا آهن، تن مان جيڪا سمجھ ملي هئي، جيڪي مزا ۽ فائدا حاصل ٿيڻا هئا، سي وٺجي ختم ٿي ويا ڇا؟ نه سٺا ڪتاب دائمي ۽ ڪڏهن به نه کٽندڙ مزي ۽ فائدي جا سرچشما آهن. ”ان تڙ مان تڪ، ڏني پاڻ اڃ ٿئي.“ جيترو انهن کي وڌيڪ پڙهبو اوترو ئي انهن جا نوان لڪل نڪتا ۽ اثر معنائون ۽ مزا پڌرا ٿيندا. ٻيا اهڙا ڪتاب ته پري رهيا ماڻهوءَ کي خود پنهنجون شيون وري وري پڙهي به هميشه نئين سمجھ ۽ نئون مزو حاصل ٿئي ٿو. تازو ويٽنامي ڪهاڻيون پڙهي ايئن لڳم ڄڻ رت جون ڏھ بوتلون چڙهي ويون. حالانڪه اهي ڪهاڻيون اڳ ڏھ ڀيرا پڙهيل هونديون. ان ڪري ٻيا ڪتاب نه ملن ته به اڳ پڙهيل سنڌي توڙي اردو وغيره وغيره ڪتاب وقفي وقفي کان پوءِ وري هميشه لاءِ پڙهندا رهڻ کپن، ڀلي ياد ٿي وڃن. آخر ماڻهو وڏا وڏا ادبي ۽ مذهبي ڪتاب به ياد ڪريو ويٺا آهن. مطلب ته پنهنجي نئين سوچ، نئين نظريي، تاريخ ۽ ادب سان ڪنيڪشن هر وقت ۽ هر حال ۾ قائم رهي، نه ته پراڻي سوچ ۽ نظريي جا واڳون ڏسندي ڏسندي ماڻهوءَ کي ڪرٽي کائي ويندا، پڇاڙيءَ جو هڏا به ڪو نه لڀنداسون. مارئي به ٻي هر مصيبت سهڻ لاءِ تيار هئي پر مارن سان ڪنيڪشن قائم رکڻ لاءِ سندن نياپن، ڪتابتن بنا جيئڻ جنجال ٿي سمجهايائين.
نه ڪو اير نه ڀير نه ڪو اوٺي آيو،
مون وٽ آيو ڪو نه ڪو ڀائران ڀري پير،
ڪتابتون ڪير، آڻي ڏيندم ان جون.
اسان وٽ جي اسان جي ڀائرن جا ٻيا اوٺي اچي اير ڀير ڪري نٿا سگهن ته به مارن جون اهي ڪتابتون ته آهن. اهي اٺ ئي پهر اکين اڳيان هونديون ته ماڻهو جهڙوڪر ملير ۾ ويٺو هوندو ان کان پوءِ سوچ ۽ عمل جا عمر جا ڪوٽ جک ماريندا رهندا. اهي ڪتابتون ۽ ڪتاب جن ۾ پنهنجي سڄڻن جي سوچن ۽ ڪارنامن جو بيان آهي، تن کان اسين پنهنجي لاءِ آئيني جو ڪم وٺي سگهون ٿا. اسان جو پراڻو يار ۽ اسان جي زندگي جو ساٿي، يعني اسان جي انا جو شيطان، جيڪو ويچارو ڪوشش ڪري ڪڏهن به، اسان کان ڌار نه ٿيندو آهي ۽ جنهن کي تڙي ڇڏيندا آهيون ته به ڀيرو نه ڀڃندو آهي ۽ اسان کي هر وقت مفت قسمين قسمين قيمتي مشورا ڏيندو رهندو آهي سو جڏهن به حسب دستور اچي، اسان جي ڪن ۾ ڦوڪ ڏي ته ميان ڦلاڻا خان! دنيا ۾ ڀلا ڀليءَ جو ڇيھ ڪونهي پر توکي به يار ماءُ کير پي ڄائو آهي. بلي! اهڙيون مڙسيون، ههڙا ڪارناما ۽ هيڏيون قربانيون! شاباس آهي توکي جو ههڙي ڪين جهڙي بي قدري گهر ۽ قوم لاءِ، پاڻ تي ٽانڊن جا مچ ٻارايو ويٺو آهين. آفرين ٻيلي صد آفرين! ان يار جي بيان ڪيل اهڙين ڳالهين کي علم ۽ سمجھ جي ڪسوٽي تي پرکي اسين پنهنجو حوش جاءِ تي رکي سگهون ٿا ۽ ڦونڊ ۾ ڀرجي ٻوريءَ کان ٻاهر نڪرڻ کان بچي سگهون ٿا؟ جي عمل بنا علم سکڻيون ڦليار ۾ ڦوڪون ڏيڻ آهي، ته علم بنا عمل ويچارو انڌو نابين آهي. پورهيت دانشورن جي اڻاٺ ۽ ان جي ڪري علمي ۽ نظرياتي ڪم جي گهٽتائيءَ جي ڪري اسان جو ڪم گهربل رفتار سان اڳتي وڌي نٿو سگهي. گهر ۾ اسان کي اهڙا ماڻهو گهرجن جي ٻيو گهرو پورهيو ڪرڻ سان گڏ اعليٰ پائي جا استاد، اديب، شاعر، عالم، تاريخدان، دانشور، محقق ۽ مصنف ٿي سبق پڙهائين، اخبارن ۽ رسالن ۾ گهربل علمي ادبي ۽ تاريخي مضمون ۽ مقالا لکن، ڪتاب تصنيف ۽ مرتب ڪن. اعليٰ معيار جا ترجما ڪن. سنڌيءَ مان اردو ۽ انگريزيءَ ۾، انگريزي ۽ اردو مان سنڌيءَ ۾ سنڌيءَ جي علمي، ادبي ۽ نظرياتي اسٽيج تي نالو ڪڍي وڏو اثر پيدا ڪري، ان اسٽيج کي عوام جي دسترس ۾ آڻين. ادب ۽ ثقافت جي اڳواڻي ڪن. ڄمندي ڄام ڪير به ڪونهي. ماءُ پيٽان پڙهي ڪير به ڪو نه ٿو اچي، سڀ ڪا ڳالھ ڪرڻ سان آهي. جن ۾ گهربل صلاحيت آهي تن کي جي هينئر اهي ڪم نٿا اچن ته فڪر ڪونهي، هو ڏاڪي به ڏاڪي اهي ڪم سکي سگهن ٿا. ڪٿان نه ڪٿان شروعات ڪبي، مشقون ڪبيون، غلطيون ڪبيون، غلطين مان سبق سکبو، سخت ۾ سخت محنت ڪبي ته ماڻهو نيٺ ڀڙ ٿي ويندو. جيڪي اهي ڪم ڪن پيا سي به ڪي الله جا پٽ ڪونهن. پاڻ وانگر ئي ماڻهن جا پٽ آهن. جيڪي ڪم ٻيا ڪري سگهن ٿا، سي اسين ڇو نٿا ڪري سگهون. اسان جا اهي پڙهيل باصلاحيت ڀاتي جن کي في الحال ڪو ٻيو اهڙو خاص ڪم ڏنل ڪونهي تن کي اهي ويٺي جا ڪم ڪرڻ گهرجن. کين ان لاءِ تربيت ۽ تياري شروع ڪرڻ کپي. بيحد خوشيءَ جي ڳالھ آهي جو اسان جي ڪن يارن پنهنجي دليان لکت پڙهت جا ڪي ڀلا ڪم ڪيا آهن انهن مان ڪي شيون شايع ٿي ويون آهن. آئون انهن سڀني کي سلام ڪريان ٿو ۽ کين ان پاڻمرادي پيشقدميءَ تي دلي مبارڪباد ڏيان ٿو. ٻين گهر جي ڀاتين کي انهن جي مثال مان سبق سکي اڳتي وڌڻ گهرجي ۽ گڏجي اها زبردست کوٽ پوري ڪرڻ گهرجي. ايمان جي پاڙ عشق آهي، محبوب سان محبت ۽ سندس دشمن سان نفرت لازم ملزوم آهن ۽ هڪڙي ئي حقيقت جا ٻه پاسا آهن. عشق ۽ نفرت کٽي ويا ته ايمان جي ٻولي به هلي هلي کٽي ويندي. بنا هيج ۽ شوق جي، بنا عشق جي دنيا جون واقعي وڏيون منزلون سر ڪرڻ ناممڪن آهي. لطيف تڏهن ئي چيو آهي ته
”هيج نه هوندو جن، سي ڪيئن وندر وينديون“ سلطان باهو ايمان جي سلامتيءَ جي جاءِ تي عشق جي سلامتيءَ جي دعا گهرڻ جي هدايت ڪئي آهي ”ايمان سلامت هر ڪو منگي، عشق سلامت ڪوئي!“ هر ڪو ايمان جي سلامتيءَ جي دعا گهري ٿو (حالانڪه دعا ته) عشق جي سلامتيءَ لاءِ گهرڻ کپي (جيڪا ڪي گهرن ٿا) ڪوشش ڪري ڏک سک ۾، مارن جي وچ ۾ رهبو، سدائين ساڻن واڳ ۾ رهبو، لطيف پڙهبو ٻيا ڀلا شاعر پڙهبا، سٺا ناول پڙهبا، سٺيون سٺيون ڪچهريون ڪبيون، عشق کي جدوجهد ۽ قربانيءَ جي سراڻ تي چڙهيل رکبو ته عشق کي ڪڏهن به ڪٽ نه لڳندو، سدائين سلامت ۽ سدا بهار رهندو.
”ڏينهون ڏينهن نئون مونکي ورھ ويڙهيچن جو
منهنجو من ميان واڳيو ويڙهيچن سان“
پڇاڙيءَ جي ڳالھ آهي مڙسيءَ جي. چوندا آهن ته ”مڙسيءَ کي پک آهن.“ ”ڀاڙين مٿان ڀت ڪانگن ڪيرائي وڌي.“ سورهيائي ۽ قربانيءَ کانسواءِ رڳو ٺلهي چالاڪي ۽ سکڻي ڀاڙيئي عقل جي زور تي ميدان مارڻ جي آس اجائي آهي. مڙس گهڻو ئي عقل جو وير، ڳالهين جو ڳهير، ڪچهريءَ جو مور هوندو پر جي ڀاڙيائيءَ جو حساب هوندس ته سندس کل ٽڪو به ملھ ڪانه ڪندي. ” آپ ٺڳاوڻ بڙا سک پاوڻ“ واري ڳالھ اجائي ڪانهي. پهريائين پنهنجو ڏٺو وائٺو نقصان ڪرائبو تڏهن ئي ڪي وڏا فائدا حاصل ٿيندا. پهريائين ٻج زمين ۾ ڦٽو ڪري حال هٿان وڃائبو تڏهن وڃي ڪنهن فصل جي حاصلات جي اميد ٿيندي، قرباني ۽ سورهيائيءَ جي ڳالھ ۾ اسان کي پنهنجي ڳوٺ ۾ ٻين کان اڳڀرو ٿيڻ کپي پر اسين اڃان انهن کان جهڙوڪر پٺتي پيل آهيون، اها کوٽ پوري ٿيڻ کپي.
سِگهي اڳيان ڊوڙ ڪا نه وجهبي آهي. اوهين پاڻ سمجهو آهيو. اميد ته هنن ڳالهين تي غور ڪندا ۽ جي ٺيڪ لڳيون ته انهن تي ڌيان ڏيڻ ۽ عمل ڪرڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪندا
هن خط ۾ ڪيتري سچائي آھي الله ٿو ڄاڻي واٽس اپ مان ڊائونلوڊ ڪري شيعر ڪيو آھي سهي لڳي تي شيعر ڪندا غلط هجي ته مافي.
0 Response to "پليجي صاحب طرفان 1983 ۾ جيل مان پارٽي ڪارڪنن کي لکيل خط سڀني سنڌين کي پڙهڻ گهرجي"
Post a Comment