-->

Pop up

Ads display

شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي طرفان شاه عبدالطيف ڀٽائي جي شاعري ۾  ڏهاڙو ملهايو ويو

شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي طرفان شاه عبدالطيف ڀٽائي جي شاعري ۾ ڏهاڙو ملهايو ويو

 شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي طرفان شاه عبدالطيف ڀٽائي جي شاعري ۾  ڏهاڙو ملهايو ويو



سڪرنڊ  رپورٽ راج ڪماراوڏ 

شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي فيڪلٽي آف سوشل سائينسز جي سنڌي شعبي طرفان شاه عبدالطيف ڀٽائي جي شاعري ۾ نوجوانن لا۽ پيغام جي عنوان سان لطيف ڏهاڙو ملهايو ويو ان موقعي تي شاگردن ۽ شاگردياڻين تي مشتمل جئي لطيف ريلي پڻ ڪڍي وئي جنهن جي اڳواڻي پروفيسر ڊاڪٽر لياقت علي خان زرداري، ڊاڪٽر امير علي شاه ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. ريلي کان پو۽ سيمينار جو پڻ انعقاد ڪيو ويو. ان موقعي تي سنڌي شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر امير علي شاه چيو ته   بيشڪ لطيف سرڪار جو پورو ڪلام تصوف، عشق ۽ محبت جي رمزن سان ڀريل آهي، سندس فڪر ۽ پيغام عشق جي عجيب ڪيفيتن سان ٽمٽار آهي ، سندس هڪ هڪ بيت اڄ جي نوجوانن لا۽ هڪ سنيهو آهي ۽ هڪ هڪ بيت رهنمائي ڪري ٿو حق، سچ، سونهن ۽ عشق جي انڪري سندس فڪر کي پڙهيو وڃي، سمجهيو وڃي ۽ ان تي عمل ڪري، سنڌ جو مان مٿاهون ڪري سگهجي ٿو. شاه ڀٽائي جي شاعري ڪڪر ۽ مينهن آهي. شاهه سائين اٿاهه محبت جي جذبي ۾ اچي اکيون بند ڪري ٻئي هٿ آسمان طرف کڻي چيو ته سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار، دوست تون دلدارعالم سڀ آباد ڪرين. سنڌ جي اندر مذهبي رواداري تصوف جي بنيادن تي مشتمل آهي ۽ تصوف جيڪو هر مذهبن جو روح آه، شاه عبدالطيف ڀٽائي جي سموري شاعري ۾ مذهبي رواداري تصوف جي فڪر تي مشتمل آهي ۽ تصوف اهو واحد فلسفو آهي جيڪو اسان کي ٻڌائي ٿو تہ حضرت انسان مڙني فرقن ۽ ويڇن کان بالا طر هڪ معزز طبقو آهي، تصوف جي رنگ ۾ هر ڪنهن مذهب، ڪٽب توڙي قبيلي جي فردن لاءِ هڪ جيتري عزت، اهميت ۽ مان مرتبو رکيل آهي. ليڪچرر ام حاني رئيساڻي چيو ته شاهه سائين هڪ مهان محبتي هو هن سنڌ سان عشق ڪندي سندس خوشحالي ۽ سُڪار لاءِ دعائون گهريون ۽ ان سان گڏ ڪل ڪائنات لاءِ دُعا خير گهري ان جو مثال پوري عالمي ادب ۾ ڪو نه ٿو ملي. هن چيو ته بي باڪ شاعر سچل سرمست به شاهه لطيف وانگر نظريه ” وحدت الوجود“ جو زبردست قائل هو، کيس خبر هئي ته ڪائنات جي هر شيءِ خدا جي وجود جو حصو آهي. ذات حقيقيءَ کي سڃاڻڻ لاءِ عشق تمام ضروري آهي ۽ حق تائين پهچڻ لاءِ ظاهري علم ناقص آهي. سنڌ ۾ جيڪي به تصوف ۽ ويدانت جا سِلسلا آهن انهن کي سِنڌي سماج ۾ وڌيڪ قدر جي نِگاهه سان ڏٺو ويو ۽ ماڻهن جي اڪثريت انهن جي پيروڪار رهي آهي ان موقعي تي سنڌي ۽ ٻين  شعبن جي شاگردن سيد عاقب شاه، شيراز علي ڳورڙ، عاشق سنڌي، شعيب جمالي، زمان ڪيريو، زوهيب احمد، خالد حسين، فرمان شر،عبدالغفار، مصطفيٰ ڪيريو ۽ ٻين چيو ته اسان نوجوانن لا۽ شاه لطيف جو پيغام عملي ميدان ۾ پاڻ مڃائڻ جي هڪ ڪنجي آهي. شاه لطيف جي ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ پڻ اُهي خُوبيون نِمايان آهن.جنهن سان کيس زمان وَ مڪان جي سرحدن کان بلند هڪ آفاقي شاعر ثابت ڪيو. ڪبير ڀڳت کان وٺي سچل سرمست، گُرونانڪ کان ميئين شاهه عنايت رضوي، سامي، شاهه ڪريم، ميران ٻائي، رُوحل فقير،صوفي رکيل سائين، بيدل، تلسي داس ۽ ٻيا سڀئي هڪ ئي مالها جا موتي آهن. توڻي جو سندن عمر ۾ ننڍوڏائي جو فرق آهي، پر فڪري طور سُنگ جا ساٿي لڳن ٿا. انهن صوفي ۽ ويدانتي شاعِرن هڪ ٻئي جي ڪلام جو اثر به قبوليو آهي ته انهن شاعرن جي گهڻائي لطيف سائين سچل سائين جي ڪلام کان متاثر ٿي ڀانئجي. ان موقعي تي شاگردياڻين ۽ شاگردن طرفان شاھ سائين جا بيت، وايون پڻ جونگھاريون جڏھن ته شاه لطيف ڀٽائي جي مختلف سرن تي خاڪه پڻ پيش ڪيا

0 Response to "شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي طرفان شاه عبدالطيف ڀٽائي جي شاعري ۾ ڏهاڙو ملهايو ويو"

Post a Comment

Trending Posts Display

Discount Offer